مسڻ (ن پ ا ) مسڻ وڏي ويجھو نانگناھ شاخ جي آبادگارن ميرواھ روڊ تي شڪيل جروار، حاجي رمضان جروار، مجيب جروار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته روڊ ٺاھيندڙ ٺيڪيدار واٽر ڪورسن جون موريون بند ڪري ڇڏيون آھن، فصل تباھ ٿي رھيو آهي. ان موقعي تي ايس ايڇ او سلطانه آباد ۽ شير محمد مري مظاھرين سان ڳالھيون ڪري روڊ کولرايو ۽ يقين ڏياريو ته واٽر ڪورسن جو موريون جلد کوليون ويندون  مظاھرين پاران روڊ کوليو ويو.