مسڻ وڏي (ن پ ا) مسڻ وڏي لڳ ڳوٺ نبي خان ميئو جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جيڪا 1996ع ۾ ٺھي ھئي، جنهن جي ھن مھل تائين ڪنهن به قسم جي مرمت نه ٿيڻ سبب بلڪل زبون حال ٿي چڪو آهي، چاپڙ ڪرڻ معمول بڻيل آهي، جنهن ڪري تقريبن 70 کن معصوم ٻارڙا اسڪول کان ٻاهر ويھي پڙهڻ تي مجبور آهن، ٻيو ته فرنيچر پڻ ٽٽي چڪو آهي، واش روم پڻ ڪافي عرصي کان ناڪاره بڻيل آهن، پيئڻ لاءِ پاڻي جو پڻ ڪنھن به قسم جو نه ته نلڪو يا روٽر وغيره موجود نه آهي، جڏهن ته بجلي به اسڪول ۾ موجود نه آهي، ۽ نه ئي وري ڪو وڻ وغيره ڇانوَ لاءِ موجود آهي جنهن ڪري گرمي به ڏاڍي آهي، جڏهن ته 70 کن ٻار آهن ۽ استاد صرف ھڪ آھي، اسڪول جي ماسٽر خالد حسين لغاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪول جا ٻارڙا ٻن مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ آهن جن ۾ هڪ ميئو برادري جا ٻارڙا آهن جيڪي سنڌي زبان نٿا سمجھي سگھن صرف اردو زبان سمجهي سگهندا آهن، جڏهن ته ٻيا ڪولھي برادري سان تعلق رکندڙ ھندو ٻار آهن، جيڪي اردو نٿا سمجھي سگھن صرف سنڌي ۽ پنهنجي مادري زبان سمجهي سگهندا آهن، جن کي الڳ زبانن سمجھائڻو پوي ٿو جنهن ڪري ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ ٽائيم به وڌيڪ لڳي ٿو، انھن ٻارڙن ۾ 50 سيڪڙو نياڻيون آهن، ۽ ھڪ ٻي استاد جي سخت ضرورت آهي، استاد سان گڏ ڳوٺ وارن پڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي مطالبو ڪيو آهي ته اسان کي استاد سان گڏ اسڪول جي عمارت ۽ فرنيچر، بجليءَ ۽ نلڪو پڻ ڏنو وڃي، اھڙي قسم جي اپيل اي ڊي او تعليم، سيڪريٽري تعليم، وزير تعليم ۽ ٻين اعلا اختيارين کان ڪئي آهي.