مسڻ وڏي ( ن پ ا )مسڻ وڏي جو جر جو پاڻي زھر ٿي ويو جر جو پاڻي ڪوڙو ٿيڻ بعد زهريلو ٿي ويو، جر جي پاڻي ۾ سنڪيو جو مقدار وڌي وڃڻ جي ڪري واپرائڻ ھاڃيڪار ٿي ويو آهي جر جو پاڻي واپرائيندڙ رهواسي ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا خبر موجب مسڻ وڏي جو جر جو ڪوڙي ٿيڻ بعد سينکيو جو مقدار وڌي ويو آهي، واٽر سپلائي گذريل 35 سالن کان ناڪاره ٿي وڃڻ کان پوءِ رهواسي جر جو پاڻي واپرائڻ لڳا گذريل 25 سالن کان جر جو پاڻي خراب ٿي وڃڻ کانپوءِ رهواسي مسڻ وڏي شھر کان 3 ڪلو ميٽر پري ناگناهه شاخ تي نلڪن تان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن، مسڻ وڏي جا 60 سيڪڙو رهواسي وسائل هئڻ سبب ناگناه شاخ تي لڳل نلڪن تان پاڻي ڀرائي واپرائين ٿا جڏهن ته 40 سيڪڙو رهواسي وسائل نه هئڻ سبب سنڪيو مليل پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن مسڻ وڏي شھر جو جر جو پاڻي واپرائڻ سبب رهواسي آنڊي، ڇاتي، معدي ۽ گلي جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ، مسڻ وڏي جي رهواسين بلال اڪبر، قاصر ملاح، الطاف حسين، بهادر ملڪ، قاسم ملاح ،عرفان ڪنڀر، شعيب اختر ڪنڀر ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ته شھر واسين کي صاف شفاف پاڻي جي سهولت فراهم ڪري ڪينسر سميت مختلف موذي مرضن کان انساني قيمتي زندگين کي بچايو وڃي.