مسڻ (ن پ ا) بوائز اسلاميا هاءِ اسڪول مسڻ وڏي جي زبون حال عمارت جون خبرو شايع ٿيڻ بعد سنڌ حڪومت اسڪول جي نئين عمارت منظور ڪري ورتي آهي، هيڊ ماستر ڌڻي بخش لغاري ٻڌايو ته ميڊيا مختلف وقتن تي اسڪول بابت اسٽوريون شايع ڪري واسطيدار ادارن جو ڌيان ڇڪايو، هن چيو ته پراڻي عمارت مان سامان نڪتو آهي، اسڪول جو پئسو اسڪول تي خرچ ڪندس.