مسڻ (ن پ ا) مسڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مٺو جي ڪولهي برادري عورتن هريا ڪولهي، ڪڪو ڪولهي ۽ هنجون ڪولهي مسڻ ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي ۽ ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان پنھنجي هارپي واري ٻني گاھ ڪري رهيا هئاسين ته جوابدار نورﷲ جروار زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا جوابدار جي ساٿي لياقت، جوابدار نورﷲ جروار کي بڇ ڪئي ته هنن سان زنا ڪر، جنهن بعد اسان تي ڪهاڙي سان وار ڪري ڏنا، زخمي ٿيل عورت هريا ڪولهي، ڪڪو ڪولهي ۽ هنجون ڪولهي وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جوابدارن جا هاري به نه آهيون، عورتن جوابدارن تي اهو الزام به هنيو ته جوابدار اسان کي چوندا هئا ته اسان توهان کي پئسا ڏينداسين، توهان ٻيون عورتون به کڻي اچو، هنن  وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف مسڻ پوليس جو چوڻ آهي گاھ سان مسئلو ٿيو آهي اسان رپورٽ داخل ڪري زخمي عورتن کي ٽنڊوالهيار منتقل ڪيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، الزام هيٺ آيل جوابدارن جو چوڻ آهي زبردستي ڪرڻ جا الزام غلط آهن، گاھ جي معاملي تان جھڙو ٿيو آهي، پوليس جي جاچ ۽ ميڊيڪل رپورٽن سان اصل حقيقت ظاهر ٿي ويندي.