واشنگٽن (م ڊ) ايلن مسڪ وائٽ هائوس ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي اداري (ڊوجي) جي سربراهه جي حيثيت سان مستقبل جا منصوبا پيش ڪيا، ميڊيا جا نمائندا به موجود هئا جڏهن ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ به اهم پاليسي بيان ڏنو، پوري بريفنگ دوران ايلون مسڪ جو ننڍڙو پٽ به موجود هو جيڪو پنهنجي پي جي ڪلهن تي ويٺو رهيو. ايلون مسڪ به پنهنجي پٽ کي ڪلهن تان لاهڻ بدران پريس بريفنگ به جاري رکي. ان دوران مسڪ جي پٽ پاران ڪيل شرارتن ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، 4 سالن جي نينگر جي حرڪتن تي ٽرمپ کي غصو اچي ويو، شرارتن تي آمريڪي صدر گهڻو پريشان ڪري وڌو، سوشل ميڊيا تي ايلون مسڪ مٿان تنقيد ڪئي وئي ته پنهنجي پٽ کي سياسي تقريبن ۾ وٺي وڃي رهيو آهي. تقريب دوران صدر ٽرمپ ٻار کي تمام گهڻو ذهين ۽ شاندارن ڇوڪر قرار ڏنو بعد ۾ هن ڪجهه ڪيو جيڪو آمريڪي صدر کي نه وڻيو ۽ هن منهن خراب ڪيو بار بار ڪجهه ڳالهائڻ تي ٽرمپ کيس خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.