اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي مقامي عدالت توهين رسالت ڪيس ۾ هڪ مسيحي عورت کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، بي بي سي موجب شگفته ڪرن تي الزام هو ته هن چار سال اڳ واٽس ايپ جي هڪ گروپ ۾ توهين آميز مواد شيئر ڪيو هو، جڏهن ته پيڪا جي سيڪشن 11 تحت 7 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي به سزا ٻڌائي وئي، اسلام آباد جي اسپيشل ڪورٽ فيصلو ٻڌائيندي حڪم ڏنو ته ان سزا تي عمل ايستائين نه ٿيندو جيستائين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان فيصلي جي منظوري نٿي ڏئي، جوابداره کي اهو حق حاصل آهي ته 30 ڏينهن اندر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ فيصلي خلاف اپيل ڪري سگهي.