مسوڀرڳڙي(ن پ ا) مسوڀرڳڙي کي ٽنڊو ڄام سان ملائيندڙ 3 ڪلو ميٽر لنڪ روڊ ڳوٺ بچو ڏاهري کان کٽياڻ اسٽيشن تائين مڪمل تباھه ٿي ويو آهي، جنهن خلاف رهواسين احتجاج ڪيو، 25 سال اڳ ٺهيل روڊ جي مرمت نه ٿيڻ ڪري روڊ تي گوڏي جيڏا کڏا پئجي ويا آهن، جڏهن ته هي روڊ ڳوٺ ، بچو ڏاهري، صاحب خان نونداڻي، محمد هاشم نونداڻي، حيدربخش نونداڻي، حيات ڀٽي، قطب شاھه ۽ ٻين ڳوٺن جو مين رستو آهي،  هتان جي رهواسين، حميد علي نونداڻي، عمران خان نونداڻي، سيد اظهر علي شاھه راشدي، سيد مصطفا شاھه راشدي،سيد خادم علي شاھه سيد دادن شاھه ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي هاءِ وي کاتي سنڌ ۽ هتان جي چونڊيل نمائيندن ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ ايم اين سيد طارق حسين شاھه ڄاموٽ کان مطالبو ڪندي چيو آهي بچو ڏاهري کان کٽياڻ اسٽيشن تائين روڊ ٺهرائي ڏنو وڃي ته جيئن هتان جي رهواسين کي سفري سهولت ميسر ٿي  سگهي.