مسوڀرڳڙي (ن پ ا )مسوڀرڳڙي ڀرسان ڳوٺ غلام مرتضا ٻڍاڻي ۾ ناڪ آئوٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائي وئي جنھن ۾ 16 ٽيمون حصو وٺي رھيون آھن افتتاحي ميچ  فيض حيدري ۽ مسواسٽار  ٽيمن وچ ۾ ٿيو ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي فيض حيدري ٽيم 134 رنسون ٺاهيون جڏھن مسو اسٽار ٽيم 129 رنس تي ڍير ٿي وئي، 5 رنس تان فيض حيدري ٽيم ميچ کٽي ورتي جڏھن تي ميچ جو ھيرو ظفر بروھي کي قرار ڏنو ويو جنھن ميچ ۾ 72 رنسون ٺاهيون