مسوڀرڳڙي (ن پ ا) ڇلگري ٿاڻي جي ويجهو ڪاٺڙي ٻيلي مان نامعلوم چور رات دير سان ٻيلي ۾ پاڻي جي مشين کي هلائيندڙ لکين رپين جي ماليت جون 32 سولر پليٽون نامعلوم چور چوري ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جي اين سي ڇلگري ٿاڻي تي ٻيلي کاتي جي جمعدار محمد شريف بڙدي جي فرياد تي داخل ڪئي وئي آهي،هوڏانهن ڇلگري  پوليس پاران اين سي داخل ٿيڻ باوجود ڪابه ڪاروائي نه ڪري سگهي آهي، ياد رهي ته ڇلگري ٿاڻي جي حد ۾ چورن رڻ ٻاري ڏنو آهي مگر حد جي پوليس چورن خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي.