مسوڀرڳڙي ( ن پ ا) مسوڀرڳڙي لڳ نيشنل ھاءِ وي روڊ تي واقع ڳوٺ محمد هاليپوٽو جو اسڪول مسئلن جي ور چڙهيل، عمارت زبون حال بڻيل ڇت مان چاچڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل چوديواري به ڊھي پٽ پئجي وئي واش روم به ڪرڻ ڪنڌي تي بيٺل،200جي لڳ ڀڳ شاگردن لاء ٻه استاد مقرر ٻارن جي تعليم متاثر ٿيڻ لڳي اسڪول جي ڪمرن جا در نه ھئڻ ڪري اسڪول جو رڪارڊ رکڻ ۾ به مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن.