مسوڀرڳڙي(ن پ ا) مسوڀرڳڙي ويجهو هزارين ايڪڙ زمين کي سيراب ڪندڙ ڄام شاخ ايريگيشن عملي لاءِ سونا بيضا ڏيندڙ جهرڪي بڻجي وئي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ شاخ جي منڍ تان وڏي پيماني تي پاڻي چوري ٿي رهي آهي. انهيءَ غيرقانوني عمل جي ڪري شاخ جي پوڇڙي وارن علائقن تائين پاڻي نه پهچي رهيو آهي، جنهن سبب آبادگارن جا قيمتي فصل سڪي تباهه ٿي رهيا آهن. پاڻي جي اهڙي ناجائز ورڇ ۽ ڪرپشن خلاف مقامي آبادگارن ستار ابڙو,امجد علي,قادر وسير ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته سندن زمينون بغير پاڻي جي بنجر بڻجي رهيون آهن، جڏهن ته بااثر ڌريون ايريگيشن عملي جي ملي ڀڳت سان پنهنجي زمينن کي سرسبز ڪري رهيون آهن. آبادگارن سنڌ جي وزير آبپاشي کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڄام شاخ تي جاري ڪرپشن جو نوٽيس وٺي، ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري ۽ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائي.