مسوڀرڳڙي(ن پ ا) مسوڀرڳڙي وايا حيدرآباد ڇلگري 3 ڪلو ميٽر لنڪ روڊ روڊ جي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان مرمت نه ٿيڻ سبب روڊ هنڌان هنڌان آکڙي ويو آهي، جنهن سبب مصروف ترين هن روڊ تي علائقي جا هزارين رهواسي سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا  آهن، ان حوالي سان سان هتان جي رهواسين اشرف بروھي، نظير بروھي، غني ماڇي، عباس علي مگريو، شفيع محمد نونداڻي، محقم حاجاڻو،ڪامران نونداڻي ،اختر ڪانيڙيو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته هي روڊ هنڌان هنڌان اکڙي ويو آهي ۽ ڪيترن ئي سالن کان مرمت به نه ٿي سگهي آهي هنن چيو ته ته حيدرآباد رورل جي تڪ جا چونڊيل نمائندا ۽ هاءِ وي کاتو سنڌ مسئلي جو نوٽيس وٺي روڊ جي مرمت ڪرائي  وڃي .