مسوڀرڳڙي(ن پ ا) مسوڀرڳڙي لڳ ٻڍاڻي ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه وٽ نامعلوم ڦورو  ڪراچي کان ٽنڊو آدم ڏانهن ڪار ۾ ايندڙ چوپائي مال جي ٻن واپاري ڀائرن عبدالغني ۽ عبدالنبي کوکر کي روڪي يرغمال بڻائي 50 لک روڪ رقم ڦر ڪئي، جنهن تي مزاحمت دوران ڪار سوار واپاري جي فائرنگ ۾ 5 هٿياربندن مان هڪ ڦورو احمد علي ناريجو گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، مارجي ويل ڦورو ڳوٺ ڪرن خان شورو جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي، هڪ ٻيو ڦورو رحيم بخش مگسي ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي، جنهن کي سول اسپتال حيدرآباد جي آئي سي يو وارڊ ۾ رکيو ويو آهي،جڏهن ته ٻيا 3 ڦورو ڦر ٿيل رقم کڻي سندن ڪار لطيف شاھ وٽ ڇڏي فرار ٿي ويا آهن،هوڏانهن فوتي ڦورو جي لاش کي ٻڍاڻي پوليس سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو آهي،واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.