مسوڀرڳڙي(ن پ ا) مسوڀرڳڙي جي گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول جي سوين شاگردياڻين کي لڳ ڀڳ اڍائي مهينا گذري وڃڻ باوجود درسي ڪتاب ناهن ملي سگهيا، جنهن سبب سوين شاگردياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿيڻ لڳي، ان حوالي سان شاگردياڻين احتجاج ڪندي تعليم کاتي حيدرآباد ۽ تعليم کاتي جي صوبائي وزير کان گهر ڪئي آھي ته مسوڀرڳڙي جي شاگردياڻين کي درسي ڪتاب ڏئي سوين نياڻين جي تعليم کي متاثر ٿيڻ کان بچايو وڃي.