اسلام آباد : جنرل نعمان محمود سينارٽي ۾ چوٿين نمبر تي آهي، فوج ۾ کيس پاڪستان جي مغربي سرحد جو ماهر تصور ڪيو ويندو آهي، جنرل نعمان جو والد ڪرنل راجا سلطان 1971ع جي جنگ ۾ شامل هو، پر اهو مسنگ اِن ايڪشن آفيسر آهي يعني لاپتا ٿيڻ بعد زنده هجڻ يا نه هجڻ بابت علم ناهي، بعد ۾ نعمان محمود پنهنجي والد جي يونٽ 22 بلوچ جي ڪمانڊ به ڪئي، بلوچ ريجمينٽ جو ليفٽيننٽ جنرل نعمان هن وقت نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو پريزيڊنٽ آهي، ان کان اڳ پشاور ڪور ڪمانڊر رهي چڪو آهي، کيس اڳوڻي فاٽا جو ماهر به سمجهيو ويندو آهي، جنرل نعمان محمود برگيڊيئر طور اليون ڪور ۾ ئي چيف آف اسٽاف رهيو، بطور ميجر اتر وزيرستان ۾ ڊويزن ڪمان سنڀالي ۽ افغان سرحد سان گڏ ڪنڊيدار تارون لڳائڻ واري منصوبي جي نگراني ڪئي، جنرل نعمان ڳجهي ايجنسي آءِ ايس آءِ ۾ به تجزياتي ونگ جو ڊائريڪٽر جنرل رهيو، ليفٽيننٽ جنرل طور آءِ جي سي اينڊ آءِ ٽي رهيو.