اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مذهبي معامرن واري وفاقي وزير انيق احمد چيو آهي ته فلسطين ۾ ظلم بربريت گذريل ڪيترن ئي سالن کان جاري آهي، چار هزار کان وڌيڪ فلسطينن کي هاڻي تائين شهيد ڪيو ويو آهي. سمورن مسلمان ملڪن کي مظلومن جو ساٿ ڏيندي ظالم جي هٿ کي روڪڻو پوندو. اسلام آباد جي نجي هوٽل ۾ جماعت اهل حرم پاڪستان طرفان فسلطينين سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ ڪانفرنس ڪئي وئي، ڪانفرنس ۾ مذهبي معامرن واري وفاقي وزير انيق احمد، علماءِ ڪرامن ۽ مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ خطاب ڪندي مذهبي معامرن واري نگران وفاقي وزير جو چوڻ هو ته فلسطين جو مسئلو انسانيت جو مسئلو آهي، فلسطين او آءِ سي جي طرف ڏسي رهيو آهي، دنيا ۾ 57 اسلامي ملڪ آهن، اسلامي ملڪن کي اسرائيل جا هوائي رستا بند ڪرڻ گهرجن، سمورن مسلمان ملڪن کي مظلومن جو ساٿ ڏيڻ ۽ ظالمن جو هٿ روڪڻو پوندو.