ٺٽو(رپورٽر) اوقاف مذھبي معاملن ۽ زڪوات عشر جي صوبائي وزارت پاران ٺٽي ۾ رحمت العالمين ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي ڪانفرنس ۾ وڏي انگ ۾ ديني ۽ مذهبي عالمن شرڪت ڪئي جڏهن ته ڪانفرنس کي خطاب ڪندي خطيب پاڪستان علامه ڊاڪٽر ڪوڪب نوراني جماعت محموديه قادريه پاڪستان جي روحاني پيشوا علامه حافظ غلام محمد محمودي، علامه صاحبزاده عُذير محمد، علامه محمد اڪرم سعيدي، تحريڪِ اصلاح امت پاڪستان جي چيئرمين علامه مفتي محمد يامين رحماني جماري، درگاھ شاھ مراد شاھ شيرازي جي گادي نشين پاڳارو سيد اسماعيل شاھ شيرازي، شاهجهان جامع مسجد ٺٽو جي خطيب علامه مولوي محمد شاڪر صديقي، مولانا مفتي رضي حسيني، سيد غلام حيدر شاھ شيرازي، حافظ سيد سڪندر شاھ، سيد محسن شاھ مٽياري ۽ ٻين عالمن مشائخن خطاب ڪندي چيو ته نبي پاڪ صلعم جي سيرت ۽ صورت نه رڳو اسلام جي مڪمل طور تي روح آھي پر نبي سائين جن جي سيرتِ زندگي انسانيت جو پيغام ڏيندڙ آهي محسنِ ڪائنات نبي پاڪ صلعم جن ته دشمنن سان به بهتر ورتاءُ ڪيو، هن وقت مظلوم مسلمانن خلاف اسلام دشمن قوتون حملي آور آھن فلسطين اندر اسرائيل جي ٿيندڙ اندوناڪ ظلم ۽ بربريت انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آھن اهڙي صورتحال ۾ امت مسلمه سان گڏوگڏ پوري دنيا کي هن معاملي تي سنجيده ڪردار ادا ڪري اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ لاء ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته اُن موقعي تي صوبائي وزير سيد رياض حسين شيرازي خطاب ڪندي چيو ته هن وقت فلسطين ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن سان بدترين ظلم ٿي رهيو آھي دنيا جي ڏيڍ ارب مسلم دنيا به خاموش تماشائي بڻيل آھي پاڪستان جيتوڻيڪ پنهنجو واضع موقف رکندو رهيو آھي پر انسانيت جون حدون اورانگهي معصوم ٻارڙن ۽ عورتن کي نشانو بڻائي شھيد ڪندڙ اسرائيلي ظالم رياست خلاف نبي سائين جن جي سنت تي عمل ڪندي مسلمان ملڪ اڳتي اچن ۽ عالمي برادري کي اهڙي انسانيت جي قتل عام جو نوٽيس وٺرائڻ تي مجبور ڪن. اُن موقعي تي ثناءُ خوانن ۽ نعت خوانن حمد و ثناءُ ۽ نعت پيش ڪري روحاني محفل کي پُرجوش بڻايو .