مسلمانن جي وقف ملڪيتن تي قبضي جي سازش: هندستان ۾ تڪراري بل منظور

0
16
مسلمانن جي وقف ملڪيتن تي قبضي جي سازش: هندستان ۾ تڪراري بل منظور
مسلمانن جي وقف ملڪيتن تي قبضي جي سازش: هندستان ۾ تڪراري بل منظور

نئين دهلي(م ڊ) ڀارت ۾ مسلمانن جون کربين ماليت جون ملڪيتون هڙپ ڪرڻ لاءِ هندو انتهاپسند مودي حڪومت ”وقف ترميمي بل“ لوڪ سڀا مان منظور ڪرائي ورتو. ڀارتي لوڪ سڀا تڪراري ”وقف ترميمي بل“ منظور ڪري ورتو، جڏهن ته ڪانگريس ميمبرن طرفان بل جي سخت مخالفت ڪئي وئي. ڪانگريس اڳواڻ سونيا گانڌي وقف ترميمي بل کي آئين تي حملو قرار ڏيندي چيو ته مودي سرڪار ملڪ کي کاهي ۾ ڦٽو ڪري رهي آهي. آل انڊيا مجلس اتحاد المسلمين جي پارليامينٽ رڪن اسد الدين اويسي بل جي ڪاپي ڦاڙي ڇڏي ۽ چيو ته هو گانڌي جيان وقف بل کي ڦاڙي ٿو، وقف بل آرٽيڪل 25، 26 جي ڀڃڪڙي ۽ مسلمانن سان زيادتي آهي. لوڪ سڀا ۾ اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي چيو ته وقف ترميمي بل جو مقصد مسلمانن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ سندن ملڪيتن تي راتاهو هڻڻ آهي. هن چيو ته بي جي پي ۽ سندس اتحادين بل آڻي آئين تي حملو ڪيو آهي، بل مستقبل ۾ ٻين برادرين کي نشانو بڻائڻ جو سبب بڻجندو. ڀارتي رياست تامل ناڊو جي وڏي وزير ۽ ڊي ايم ڪي اڳواڻ ايم ڪي اسٽالن بل جي سخت مذمت ڪندي وقف ترميمي بل سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو.