اسٽاڪ هوم (م ڊ) سوئيڊن قرآن پاڪ جي بي حرمتي کان پوءِ بائبل کي ساڙي بي حرمتي ڪرڻ جي به اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سويڊش پوليس اڄ ٿيندڙ اهڙي احتجاجي مظاهري جو اجازت نامو جاري ڪيو آهي، جنهن تحت اسرائيلي سفارتخاني جي ٻاهران بائبل جيڪو توريت ۽ عسائين جي نيوٽيسٽمينٽ تي مشتمل آهي، ان کي ساڙي سگھبو. اسرائيلي صدر اسحاق برزيوگ ۽ يهودي تنظيمن سوئيڊن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ان قدم تي سخت احتجاج ڪيو ويندو، اهو ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳو ناهي. بائبل کي ساڙڻ جو اعلان ڪندڙ انتظاميا پوليس کي ڏنل درخواست ۾ چيو آهي ته قرآن کي ساڙڻ جي اجازت ڏني وئي ته بائبل لاءِ به اجازت ڏني وڃي. اها اظهار جي آزادي جي حمايت هوندي. پوليس بائبل کي ساڙڻ جي اجازت حاصل ڪرڻ جي درخواست گزار 30 ورهين جي شخص جو نالو ظاهر ناهي ڪيو. سوئيڊن پوليس چيو آهي ته ملڪ جي آئين ۾ عوامي ميڙاڪن جي اجازت ڏني وئي آهي.