دبئي(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش پريميئر ليگ ( بي پي ايل ) ۾ فڪسنگ جي الزام تي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ جو بيان سامهون آيو آهي.شعيب ملڪ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ فڪسنگ الزامن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته سندس بابت ڦهلايل فڪسنگ جون خبرون بي بنياد آهن.هن چيو ته فارچيون باريشال جي ڪپتان تميم اقبال سان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، دبئي ۾ مصروفيت سبب بي پي ايل ڇڏڻي پئي، ضرورت پوڻ تي فارچيون باريشال لاءِ دستياب آهيان.شعيب ملڪ جو چوڻ هو ته ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ کان پهرين خبر جي تصديق ڪرڻ گهرجي، اهڙي قسم جي خبرن سان انسان جي ساک متاثر ٿيندي آهي.پي بي ايل جي هڪ ميچ ۾ شعيب ملڪ بالنگ دوران مسلسل ٽي نوبالز هلايا هئا جنهن کانپوءِ نوبالز بابت ميچ فڪسنگ جا الزام سامهون آيا هئا.