حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ نومبر تي ڦوهارا چوڪ ڪراچي وٽ احتجاج جي سلسلي جي حڪمت عملي جوڙي فيصلو ڪيو ويو آهي ته ان احتجاج ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿي سنڌو درياهه تي ڪئنالن جي اڏاوت واري فيصلي خلاف احتجاج ڪندا. اجلاس ۾ مختلف ڪميٽيون به جوڙيون ويون. ڪراچي ڊويزن جي ضلعي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽرين جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ سان ٿيندڙ مسلسل ناانصافين سبب سنڌ جي عوام ۾ محرومي جو احساس وڌي ويو آهي. ماضي کان سنڌ سان دوکا ٿيندا رهيا آهن. پاڻي انسان جي جياپي سان تعلق رکي ٿو ۽ سنڌ لاءِ پاڻي جو واحد ذريعو سنڌو درياهه آهي جنهن تي به ڊيم ٺاهي ۽ ڪئنال کوٽي سنڌ جي پاڻي جو حصو ڳڙڪايو پيو وڃي. سنڌ کي پاڻي جو حصو نه ملڻ سبب انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي ويو آهي جنهن سبب سمنڊ تيزي سان لاڙ واري حصي جون زمينون ڳڙڪائي رهيو آهي. پاڻي جي 1991ع واري معاهدي مطابق ٻارنهن ئي مهينا 12 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏڻو آهي پر ان معاهدي تي عمل نٿو ڪيو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ وري سنڌو مان وڌيڪ ڪئنال جوڙڻ جو منصوبو سنڌ لاءِ موت جي پرواني جيان آهي. ان منصوبي کي سنڌ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي. ايس ٽي پي پاران شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ منصوبي جي خاتمي تائين جاري رهندي. اجلاس ۾ هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، قادر چنا، ڊاڪٽر احمد نوناري، امتياز سمون ۽ ٻين شرڪت ڪئي.