مستونگ ۾ ڌماڪو، حافظ حمدالله سميت 11 ڄڻا زخمي

0
103

ڪوئيٽا:بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ ڌماڪو، جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمد الله سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيوويو

 ڪراچي-ڪوئيٽا هاءِ وي تي روڊ ڪناري گاڏي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾  پي ڊي ايم ترجمان ۽ جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمد الله سوڌو 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ڌماڪي بعد پوليس ۽ ليويز اهلڪارن پهچي واقعي واري هنڌ کي گهيري ۾  آڻي ڇڏيو، زخمين کي اسپتال آندو ويو

 ذريعن موجب جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمد الله پنهنجي قافلي سان گڏ ڪوئيٽا-ڪراچي هاءِ وي تان وڃي رهيو هو، هن جا ساٿي به 4 گاڏين ۾ سوار هئا