ڪوئيٽا (م ڊ) مستونگ ڌماڪي جو وڌيڪ هڪ زخمي فوت ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ شهيدن جو انگ 60 ٿي ويو آهي. ڪوئيٽا سول اسپتال موجب 52 ماڻهو ڌماڪي جي پهرئين ڏينهن شهيد ٿي ويا هئا، زخمين مان 7 ڄڻن سول اسپتال ۾ ۽ هڪ بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. مستونگ ڌماڪي کان پوءِ حڪومت پاران صوبي ۾ ٽن ڏينهن جو سوڳ ملهايو پيو وڃي. ياد رهي ته جمعو 29 سيپٽمبر تي مستونگ ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جو ڪيس اڻ ڄاتل دهشترگدن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ قتل، اقدام قتل، دهشتگردي ۽ ايڪسپوسو ايڪٽ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. هوڏانهن سانحي خلاف اتحاد اهلسنت جي اپيل تي شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي، ڪوئيٽا شهر جا اهم ڪاروباري مرڪز، مارڪيٽون ۽ بازارون بند رهيون.