مستقل جنگبندي لاءِ عالمي برادري کي ٽياڪڙي جي اپيل، ڪشمير مسئلو به حل ڪرايو: بلاول

0
32
مستقل جنگبندي لاءِ عالمي برادري کي ٽياڪڙي جي اپيل، ڪشمير مسئلو به حل ڪرايو: بلاول
مستقل جنگبندي لاءِ عالمي برادري کي ٽياڪڙي جي اپيل، ڪشمير مسئلو به حل ڪرايو: بلاول

نيويارڪ(م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان 6 ڀارتي جهاز تباهه ڪيا، ڀارتي حڪومت کي اهو تسليم ڪرڻ ۾ هڪ مهينو لڳو ته اسان انهن جا جهاز تباهه ڪري ڇڏيا آهن. گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز ۾ چيني ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي بلاول چيو ته سفارتڪاري سان اسان ڪنهن به مسئلي کي حل ڪري سگهون ٿا. جيڪڏهن عالمي برادري انهي طرح جو ڪردار ادا ڪري ڏکڻ ايشيا ۾ مستقل امن قائم ٿي سگهي ٿو. پاڪستان، ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهي اسين امن چاهيون ٿا، پر امن تيستائين ممڪن ناهي جيستائين اسان ڳالهين ۾ شامل نه ٿيون. بلاول وڌيڪ چيو ته اسان عالمي برادري سان رابطو ڪري رهيا آهيون، عالمي برادري امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڪشمير مسئلي جي حل ۾ مدد ڪري، اسان مستقل جنگبندي لاءِ عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪريون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هندستان پنهنجي عوام سان اها حقيقت ڇو لڪائي رهيو هو؟ ان لاءِ ته سچ اهو هو ته ڀارت جنگ هارائي ويو، ڀارت پاڪستان جنگ ڪنهن کٽي؟ سولو جواب آهي ته ڪير پنهنجي عوام سان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ڪنهن جي ميديا پنهنجي عوام کي گمراهه ڪري رهيو هو؟ ڪهڙي حڪومت تڪرار دوران ۽ بعد ۾ پنهنجي عوام سان ڪوڙ ڳالهائي رهي هئي.