ٻين معيارن سان گڏ انساني شعور جي ارتقا کي ٽيڪنالاجي جِي ترقي سان پڻ جوڙي ۽ پرکي سگهجي ٿو. تاريخ جي هر دور ۾ يعني پٿر جي دور کان موجوده سليڪان دور تائين هر ٽيڪنالاجي گهٽ انساني مشقت مان وڌيڪ پيداوار، آسائش ۽ خوشي جي حاصلات ۾ پنهنجو ڪردار ادا پئي ڪيو آهي. پر موجوده دور جي بانبڙا پائيندڙ ۽ نا بالغ هٿرادو ذهانت (Artificial Intelligence, AI) جڏهن مستقبل قريب ۾ جوان ٿي چڪي هوندي ته ڇا ان دؤر ۾ به اها دنيا جي انسانن جي مجموعي طور ڀلي لاءِ ڪم ڪندي يا مورڳو موجوده نوڪريون ۽ پيشا ئي ختم ڪري ڇڏيندي؟ ڇا اها طاقتور (حڪمران ۽ سائنسدان) ٽولي کي لافاني بڻائي ڇڏيندي ۽ خدائي صفتن سان مالا مال ڪري ڇڏيندي؟ ڇا خدائي صفتن جو حامل سدا حيات، سدا جوان ۽ انتهائي طاقتور حڪمران ٽولو مستقبل قريب ۾ ٽئين دنيا جي وچئين طبقي يعني اسان پارن اربين عام انسانن جون زندگيون هِن دور جي پالتو جانورن وانگر بڻائي ڇڏيندو؟ ڇا مستقبل جون جنگيون گوشت پوشت جا فوجي وڙهندا يا هٿرادو ذهانت تي هلندڙ روبوٽَ، ڊرون ۽ انسانن کان سواءِ هلندڙ ٽينڪَ وڙهندا؟ ڇا ڪلوننگ وسيلي جرم وڌندا ۽ انساني شناخت کي ڌڪ رسندو؟ هن مضمون ۾ هٿرادو ذهانت جي موجوده تيز رفتار ترقي ۽ دم خم کي نظر ۾ رکندي آئون ان جو ناڪاري تصوراتي خاڪو پيش ڪري رهيو آهيان.
پٿر جي دور ۾ انسان ٻين خونخوار جانورن جي شڪار ڪيل ۽ کاڌل جانورن جي ڇڏيل هڏن کي پٿرن سان ڀڃي انهن مان نرم مِکَ کي حاصل ڪندو رهيو؛ هُو پٿرن کي هٿن سان پري تائين اڇلائڻ ۽ شڪار ڪرڻ سکندو رهيو ۽ انهن کي مختلف شڪلين ۾ ٽوڙي ڪات ڪهاڙيءَ طور استعمال ڪري شڪار ڪندو رهيو. ٻوليءَ جي ايجاد هن کي پنهنجن خوفن، خواهشن ۽ جذبن جي اظهار جي قابل بڻايو؛ اڳتي هلي هن تصوراتي ڪهاڻين وسيلي سوين اجنبي ماڻهن کي پنهنجي وجود جي بقا لاءِ باهمي تعاون ڪرڻ تي آماده ڪيو. زرعي دور ۾ هُن ڪيترن ئي ٻوٽن ۽ جانورن کي پالتو بڻايو ۽ جهنگن توڙي غارن مان نڪري ڳوٺَ ۽ شهرَ ٻڌڻ، سماجي نظام جو بنياد وجهڻ ۽ بادشاهي نظام تحت حڪومتون هلائڻ جي قابل بڻايو؛ هِن ئي دور ۾ هُن لکت کي بنياد بڻائي ناڻي۽ ذاتي ملڪيت جا تصور رائج ڪيا ۽ هڪ ٻئي تي انحصاري جي جهنڊي هيٺ مختلف ماڻهن کي مختلف ڌنڌن جي حوالي ڪيو. صنعتي دور ۾ هُن ماڻهن ۽ جانورن جي مشقت جو ڪم مشينن کان ورتو. سليڪان يعني ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي جديد دور ۾ هُن تيز ترين مواصلات ۽ رابطي وسيلي دنيا کي هڪ عالمي ڳوٺ بڻائي ڇڏيو. هِن دور ۾ سائنسي توڙي غير سائنسي معلومات جي رسائي اسان کان فقط هڪ ڪِلڪ جي مفاصلي تي آهي. موجوده دور جي وڏي ڳالهه اها آهي جو هُن هٿرادو ذهانت جي نئين ٽيڪنالاجي پڻ منظرِ عام تي آندي آهي. يقيناً ويجهي مستقبل جو دور هٿرادو ذهانت جو دور هوندو، جنهن ۾ مختلف ٽيڪنالاجيز راڄ ڪنديون، جن کي جيڪڏهن ڇيڪ ڇڏيو ويو ته اهي انساني سماج ۽ مخلوق کي پڻ تهس نهس ڪرڻ جي سگهه رکنديون. اچو ته واري واري سان هن ڏس ۾ مختلف شعبن ۾ ان جي ممڪنه ناڪاري پهلوئن جو تصوراتي خاڪو جوڙيون.
نوڪرين جو خاتمو
هٿرادو ذهانت جي ٽيڪنالاجي توڙي جو موجوده وقت ۾ پڻ ڪجهه نوڪرين ۽ پيشن تي قبضو ڪري وئي آهي، پر هينئر هڪ دفعو وري هڪ نئين ڪهاڻي جنم وٺي رهي آهي ۽ علم ۽ طاقت جو سرچشمو “انساني جذبات” کان “هٿراڌو ذهانت ۽ مشيني الگورٿمز” ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي؛ يعني دنيا جا ترقي يافته ملڪ هٿرادو يا مشيني ذهانت تي تمام گھڻو ڀاڙي رهيا آهن ۽ پنهنجيون زندگيون آسان بڻائي رهيا آهن. دنيا جي ترقي يافته ملڪن جا ماڻهو پنهنجيون زندگيون هٿرادو ذهانت ۽ روبوٽن وسيلي وڌ ۾ وڌ آسان بڻائي رهيا آهن. انهن ملڪن ۾ اهو وقت پري نه آهي جڏهن موجوده پيشا جهڙوڪ ڊاڪٽر، انجنيئر، فوجي، نرس، استاد، ڊرائيور، ليکڪ، شاعر، موسيقار، ويب ڊزائينر، ڊيٽا اينالسٽ وغيره ختم ٿي ويندا، ڇو ته انهن جي جاءِ تي گهٽ خرچ گھرندڙ هٿرادو ذهانت وارا سافٽويئر ۽ روبوٽ اچي ويندا. جڏهن ته ڊيٽا اينالسز ۾ تمام گھڻي مهارت ۽ تمام گھڻي تخليقي ۽ تحقيقي صلاحيت رکندڙ انسان اٽي ۾ لوڻ جيترا گهربل هوندا.
موت تي فتح:
هٿرادو ذهانت جي جوڀن واري دؤر ۾ انسان انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي وسيلي نه رڳو پنهنجي ڊي اين اي (DNA) جي خرابين کي دُور ڪري سگھندو، پر ٻين پيدا ٿيندڙ بيمارين کي رت جي نالين ۾ گھمندڙ نينو روبوٽس وسيلي ان مهل ئي ختم ڪري سگھندو. نتيجي ۾ انسان فاني منجھان لافاني بڻجي ويندو ۽ ابدي حسن، ابدي جواني ۽ ابدي خوشي حاصل ڪرڻ جي خواب کي حقيقت بڻائي سگھندو. اهي نعمتون هر ڪنهن لاءِ عام نه هونديون، پر فقط انفارميشن ٽيڪنالاجي، بايو ٽيڪنالاجي ۽ هٿراڌو ذهانت ۾ ترقي يافته ملڪن جا حڪمران ۽ سائنسدان طبقا پنهجون زندگيون جنت مثل بڻائي سگھندا. مطلب ته انهن کي جنت لاءِ اڳئين جهان جو انتظار نه ڪرڻو پوندو. ان وقت جا اسان پارا عام انسان “بيڪار بڻيل انسانن جو وڏو ٽولو” ٺاهيندا، جيڪي خدا بڻيل حڪمران طبقي جي رحم ڪرم تي هوندا.
انسان- پسنديت فلسفي ۽ وچئين طبقي جي پڄاڻي:
جيئن ته لافاني ۽ لافاني طاقتن سان ليس حڪمران ٽولي کي نه رڳو جنگين وڙهڻ لاءِ روايتي گوشت پوشت جي فوجن جي ضرورت نه پوندي، پر انهن کي ووٽن پنڻ جي پڻ ضرورت نه رهندي، ڇو ته اهي بگ- ڊيٽا جي تجزين، بايو سينسرز ۽ انٽرنيٽ وسيلي سڀني شين جي رابطي ۽ ضابطي وسيلي اسان توهان جي جسمن، ذهنن، جذبن ۽ آزاد سوچ تي قابض ٿي ويندا. چوندا آهن ته جهڙي ڪرڻِي تِهڙي ڀرڻِي! اسان ماضي کان وٺي هن وقت تائين پالتو جانورن ۽ حياتي جي مختلف صُورتن تي جيڪي ظلم ڪيا آهن، انهن جو پاپ شايد اسان تي نازل ٿيڻ وارو آهي، ڇو ته ويجھي مستقبل ۾ ديوتا حڪمرانن جي سامهون اسان توهان جي حيثيت هِن وقت جي پالتو جانورن مثل هوندي ۽ عام ماڻهو انهن جي رحم ڪرم تي هوندا!
نفسياتي پيچيدگيون:
عام انسان جيڪو هن وقت پاڻ کي “اشرف المخلوقات” هئڻ جي خوشفهمي ۾ مبتلا آهي، اهو مستقبل ۾ جڏهن جانورن وانگر ۽ قيد واري بدتر زندگي گذاريندو ته يقيناً اهو نفسياتي بيمار ۽ نشائي ٿي ويندو. ان لاءِ هٿرادو ذهانت جي عروج واري دؤر ۾ مايوسي، تشويش ۽ سماجي بيگانگي جهڙا ناڪاري رويا ضرور ڪَرُ کڻندا.
غلطين کان پاڪ مشيني برتري:
جيئن ته “انسان غلطين جو گهر آهي” ۽ انهن مان ئي سکندو آهي، پر اها خوبي مستقبل جي هٿرادو ذهانت واري دؤر ۾ سندن بدترين خامي بڻجي ويندي. خامين واري انساني ڪارڪردگي کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويندو ۽ ان جي بدران هٿرادو ذهانت تي هلندڙ روبوٽن، سافٽ ويئرن ۽ ايپليڪيشنز جي ڪارڪردگي ۽ استعمال کي ترجيح ڏني ويندي. نتيجي ۾ انساني جذبات جو قدر، انسان جي انسان سان اُنسيت ۽ محبت وڏا خواب بڻجي ويندا.
اعليٰ ترين هٿرادو ذهانت مشينن جو غلبو:
مستقبل جي جنگين ۾ قاتل روبوٽن، ڊرونن ۽ انسان کان آجي ٽينڪن جو استعمال عام جام ٿيندو، جيڪي پنهنجا هدف پاڻ ڳوليندا ۽ انهن کي قتل ڪندا. ڪجهه دانشور چون ٿا ته انهن سان انساني جانين جو زيان گهٽ ٿيندو، پر هن وقت اهي حقيقتون ۽ نتيجا سمجهه کان ٻاهر آهن. ڇو ته جيڪڏهن اهڙين جنگجو مشينن جي ڪوڊنگ “هر صورت ۾ فتح کي يقيني بڻايو” ڪئي ويندي ته اهي کن پل ۾ شهرن جا شهر ۽ ملڪن جا ملڪ تباهه ڪري سگهن ٿا. يا وري انهن ۾ ڪا فني گڙٻڙ ٿي پوي ته جيسين انساني مداخلت ٿئي، تيسين اهي وڏي پيماني تي جنگي ڪارروائي شروع ڪري چڪيون هونديون. اُن صورت ۾ اسان الزام ڪنهن تي ڏئي سگهنداسين؟ انهن جي پروگرامنگ ڪندڙ تي، ڪمانڊنگ آفيسر تي يا انهن مشينن تي؟ ان ڪري گھڻو امڪان اهو آهي ته اهي شيون انسانن لاءِ تباهي آڻينديون ۽ عين ممڪن آهي ته ڌرتيءَ تان انساني زندگي جو وجود ئي ختم ڪري ڇڏين! ڪلوننگ جو ناڪاري استعمال:
موجوده وقت ۾ ئي هڪ جيوگهڙري Cell مان لاڳاپيل مڪمل جاندار يا سندس ڪو به عضوو يا گوشت ٽشو ڪلچر ۽ ڪلوننگ ٽيڪنالاجي وسيلي سائنسي ليبارٽيرين ۾ نشونما حاصل ڪري ۽ ڪاميابي سان ٺهي رهيو آهي. مختلف جانورن جو “هٿرادو گوشت” (Synthetic Meat) پاڪستان ۾ پڻ ميسر آهي. اڄوڪِي روزمره جي زندگي ۾ فارمي آنا، فارمي ڪُڪڙيون، آسٽريلين ڳئون ۽ ان جو کير، هائيبرڊ ٻج وغيره جينياتي هير ڦير جا ڪجهه عام مثال آهن. مستقبل ۾ شاهوڪار طبقي طرفان پنهنجي پسند جي خاصيتين وارا جينياتي طور تبديل ڪيل ٻار لاڳاپيل جينيٽڪ انجنيئرنگ فيڪٽرين مان خريد ڪرڻ هڪ خواب نه پر حقيقت هوندو. نتيجي ۾ دنيا عام انسانن ۽ جينياتي طور تبديل ٿيل بهترين خاصيتن وارن ذهين ۽ خوبصورت ترين انسانن ۾ ورهائجي ويندي. هن قسم جي ماحول ۾ شاهوڪار طبقو ۽ جينياتي طور تبديل ٿيل ٻار، عام ٻارن ۽ عام انسانن سان تعصباڻو رويو روا رکندا. ان کان سواءِ جرائم پيشه ماڻهو پنهنجي ٻارن جا ڪَلون جيڪڏهن تيار ڪرائيندا ته ثبوتن جي تضاد جي ڪري عدالتن ۾ مجرم سزا کان بچي سگهن ٿا، يا وري هڪ ماڻهوءَ جي سزا ٻيو ڀوڳي سگهي ٿو. ڪلوننگ سان پيدا ڪيل ٻارن ۽ ماڻهن جا انساني حق عام انسانن جهڙا هوندا يا اهي ٻئي درجي جا انسان سڏيا ويندا؟ جيئن ته دنيا گھڻو تڻو “جيڪو ڏاڍو سو گابو” واري قانون تحت هلندي رهي آهي، ان ڪري شاهوڪار ۽ سرمائيدار طبقي جا مفاد پرست ماڻهو پنهنجين مهلڪ بيمارين مان بچڻ لاءِ عضون جي پيوندڪاري لاءِ ڪلوننگ سان پيدا ڪيل ماڻهن کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي سگهن ٿا، يا وري انهن کي غلام بڻائي دنيا ۾ هڪ دفعو ٻيهر انساني غلامي جو دور برپا ڪري سگهن ٿا!
ڳالهه جو ڳر اهو آهي ته مستقبل جي هٿرادو ذهانت واري انقلابي دؤر ۾ اهو دم ۽ خم هوندو جو اها قومن ۽ دنيا کي تڪليفن ۽ اهنجن کان بچائي به سگهي ٿي، ته وري سڄي انساني تهذيب کي سيڪنڊن اندر تباهه ۽ برباد پڻ ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن هن وقت انسانذات مجموعي طور هٿرادو ذهانت جي گهوڙي کي لغام نه وڌو ته مستقبل ۾ اهو بي لغام گھوڙو اسان جي هٿ وس نه رهندو ۽ انساني تهذيب جي ميسارجڻ جو سبب بڻجندو. ان ڪري عالمي ادارن کي گهرجي ته هٿرادو ذهانت جي بهتر ضابطي لاءِ گهربل بين الاقوامي ٺاهن ۽ اخلاقيات لاءِ گڏجي غور ڪن ۽ انهن تي عمل درآمد کي يقيني پڻ بڻائين.