ٽنڊو رحيم ويجهو پرائمري اسڪول جي عمارت نه هئڻ سبب ٻار ڇپري هيٺان پَٽَ تي ويهي تعليم پرائڻ لاءِ مجبور آهن
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڳوٺ سائين رکيو شاھاڻي ۾ 1989 ۾ منظور ٿيل اسڪول کي هن وقت تائين عمارت نه ڏني وئي آهي
فرنيچر نه هئڻ سبب ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم پرائي رهيا آهن
ڳوٺاڻن پاران تعليم کاتي کي اسڪول لاءِ عمارت، فرنيچر ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي