شڪاگو(انٽريسٽنگ نيوز) ايئر انڊيا مسافرن کي گذارش ڪئي آهي ته ٽوائليٽ استعمال ڪن صرف ان مقصد لاءِ جن لاءِ اهي آهن.اهو مطالبو ان وقت سامهون آيو ، جڏهن جهاز جو باٿروم ڪپڙن ۽ ٻين شين جي ڪري بند ٿي ويو،دهلي ويندڙ اڏام جا 12 مان 8 باٿروم بند ٿي وڃڻ ڪري جهاز کي شڪاگو واپس اچڻو پيو،ايئر انڊيا جي جهاز اي آءِ 126 شڪاگو کان دهلي جي لاءِ اڏام ڀري پر ٿوري ئي وقت ۾ 8 باٿروم خراب هجڻ جي شڪايت تي اڏام کي واپس شڪاگو موٽڻو پيو،جهاز جي ايئرپورٽ تي لهڻ کانپوءِ عملي باٿروم چيڪا ڪيا ته انهن ۾ پلاسٽڪ جون ٿهليون ۽ ڪچرو پيل هو جنهن سبب باٿروم جام ٿي ويا هئا،۽ نيڪال وارو سسٽم خراب ٿي ويو هو،ايئر انڊيا جي نمائندي ٽي وي چينل کي ٻڌايو ته اسين مسافرن کي گّذارش ڪريون ٿا ته جهاز جا باٿروم انهي مقصد لاءِ استعمال ڪيا وڃن جنهن لاءِ ٺاهيا ويا آهن