اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ ملٽري ڪورٽس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جسٽس جمال مندوخيل چيو تڪرار اهو ناهي ته فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل ڪيو وڃي يا نه. مسئلو اهو آهي ته آرمي ايڪٽ جي ماتحت ڏوهه جيڪڏهن سويلينز ڪري ته ڇا ٿيندو؟ وڪيل حامد خان دليل ۾ چيو ته ڪهڙيون به حالتون هجن سويلينز جو ايڏي وڏي پئماني تي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل نٿو ڪري سگهجي. فوجي عدالتون آئيني ترميم بنا قائم نٿيون ٿي سگهن. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته 26 هين آئيني ترميم بعد فوجي عدالتن جي فيصلن خلاف اپيل ڪٿي ٿي سگهي ٿي.؟ وڪيل حامد خان جواب ڏنو ته هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ داخل ڪري سگهجي ٿي پر ان جو دائره اختيار محدود آهي. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته ايف بي علي ڪيس فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پارليمان ان معاملي تي ڪجهه ناهي ڪيو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڪيس هي آهي ته آرمي ايڪٽ جي ماتحت ڏوهه جيڪڏهن سويلنز ڪري ته ڇا ٿيندو؟ آرمي ايڪٽ ۾ داخل ڏوهه ڪرڻ تي ان جو دائره اختيار سويلينز تائين وڌائي سگهجي ٿو يا نه؟ جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا عدليه جي ايگزيڪيٽوَ جي الڳ ٿيڻ جو ڊيڪلريشن عدليه ڏيندي يا پارليمان؟ وڪيل حامد خان چيو آئين جا لفظ واضع آهن. پارليمان جي ڊيڪلريشن جي ضروت ناهي. حامد خان جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد پرڏيهي وزارت جو وڪيل خواجه حارث روسٽرم تي آيو ته آئيني بينچ جي سربراهه چيو اوهان جواب الجواب لاءِ ڪيترو وقت وٺندا. خواجه حارث جواب ڏنو ته ڪافي اهم نڪتا سامهون آيا آهن ٿي سگهي ٿو هڪ هفتو لڳي وڃي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڱاري ڏينهن يارهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.