مسئلن ۾ ڦاٿل سنڌ

0
57
مسئلن ۾ ڦاٿل سنڌ

 سال 2024ع جي شروعات سنڌ لاءِ ڪا سُٺي نه رهي. سال جي شروع ۾ عبوري حڪومت طرفان ارسا ائڪٽ 1992ع ۾ هڪ آرڊيننس ذريعي ترميم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. انهيءَ ترميم کي ان وقت ملڪ جي صدر جناب ڊاڪٽر عارف علوي طرفان وقتي طور روڪيو ويو. چونڊن کان پوءِ ملڪ ۾ قائم مسلم ليگ (نواز) جي حڪومت طرفان ان آرڊيننس تي عمل ڪندي ارسا جو نئون چيئرمين اڳوڻو واپڊا جو چيئرمين شمس الملڪ کي مقرر ڪيو ويو. پيپلز پارٽي، جيڪا مرڪز ۾ حڪومت جي حمايتي جماعت آهي، انهي جي مخالفت ڪري اهو حڪم، چوويهه ڪلاڪن اندر واپس ورتو ويو. ان کانپوءِ جلدي سنڌ ۾ هڪ ٻئي پٺيان ڪيترائي مسئلا پيدا ڪيا ويا. انهن ۾ ارسا ائڪٽ ۾ ترميم جو بل، ملڪ ۾ ڇهن وڏن ۽ اهم واهن جو اعلان، امرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي نالي سان فيس بوڪ تي توهين رسالت جو مواد ظاهر ٿيڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر جو پوليس جي حفاظت ۾ پوليس هٿان مارجڻ. ڊاڪٽر جي مارجڻ کانپوءِ سنڌ ۾ مذهبي ڇڪتاڻ جو وڌڻ، سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاريءَ جو وڌڻ، سنڌ جي وسيلن جي ڦُرلٽ شامل آهن. ان کان وڌيڪ سنڌ جي وجود کي مِٽائڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ فوج جي سربراهه جي موجودگيءَ ۾ ڪراچيءَ جي واپارين جو سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪرڻ شامل آهي.

انهي سڄي وايو منڊل ۾ سنڌ جي امن و امان جي صورت حال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي ٿي وڃي. انهيءَ جو مثال سنڌ جي اُترئين علائقي ۾ ڌاڙيل راڄ جو قائم ٿيڻ آهي. تازو ڪچي جي هڪ وڏي ڏوهاري، جنهن لاءِ چوڻ ۾ اچي ٿو ته سنڌ سرڪار هن کي زندهه يا مُرده گرفتار ڪرڻ تي 2 ڪروڙ رُپيا انعام رکيل هو، انهيءَ جو مارجڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ حد جي ٿاڻي جي انچارج جو گرفتار ٿيڻ ۽ سنڌ پوليس جي ٻن اهم ۽ وڏن عهدن تي مقرر آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ، اهو اهڙو مومل جو منڊ آهي، جيڪو سُلجهائڻ ۾ نٿو اچي. انهيءَ کان وڏو مومل جو منڊ اهو آهي ته، ڪچي ۾ رهندڙ قانون جي مخالفن وٽ اهڙا هٿيار آهن، جيڪي قانون جي حفاظت ڪرڻ وارن وٽ نه آهن. تازو سنڌ حڪومت جي هڪ اهم شخصيت جي حوالي سان اها ڳالهه اخبارن ۾ آئي ته ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ اهڙا هٿيار آهن، جيڪي سنڌ پوليس وٽ نه آهن. ڇا ڌاڙيلن وٽ جادو جو چراغ آهي، جنهن سان هُو هٿيار گهرائين ٿايا انهن کي هٿيار پهچائيندڙن وٽ سليماني ٽوپي آهي، جنهن سان هو سنڌ جي اعلى اختيارين، سنڌ جي قانون نافذ ڪندڙ ادارن يا ملڪ جي حفاظت لاءِ مامور ادارن کي نظر نٿا اچن. ٻئي طرف لاڙ پٽي ۾ وري منشيات جو ناسور ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. لاڙ پٽي ۾ اهڙا کوڙ سارا ماڻھو وڏين گاڏين ۾ گُھمندي ۽ وڏن گھرن جا مالڪ نظر ايندا، جن جو ظاهري ڪو به ڪاروبار نظر نٿو اچي. لاڙ پٽي ۾ جنھن تيزيءَ سان منشيات جو ڪاروبار وڌي رهيو آهي، انهيءَ مان لڳي ٿو ته انهن کي ڪُجھ ڳُجھن هٿن جو آشيرواد شامل آهي. جناح اسپتال ڪراچيءَ جي ڊاڪٽرن جي چوڻ مطابق ته اسپتال ۾ ايندڙ ڪينسر جي مريضن جو وڏو حصو لاڙ پٽي جي ضلعن سان تعلق رکي ٿو. اهو سڀ منشيات ۽ لاڙ ۾  پيئڻ جي غير معياري پاڻيءَ جي ڪري چيو پيو وڃي. هڪ تحقيق مطابق، سنڌ ۾ خاص ڪري لاڙ جي پٽيءَ ۾ جر جي پاڻيءَ ۾ زهر جو مقدار تمام گهڻو آهي، انهيءَ ڪري هن علائقي ۾ پيٽ جون وچڙندڙ بيماريون تمام تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن.

سنڌ ۾ تعليم جو ٻيڙو وچ سير ۾ آهي، هڪ تحقيقي اداري جي تحقيق مطابق، سنڌ ۾ پرائمري اسڪول ۾ نه ويندڙ ٻارن جو تعداد ڇاهتر لک آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت انهي سان سهمت نه هوندي، جيڪي انگ اکر جاري ڪيا آهن، اهي به ڪي حوصلا افزا نه آهن. سنڌ حڪومت موجب، سنڌ ۾ پرائمري اسڪول وڃڻ جي عمر وارن ٻارن جو تعداد 14208257 آهي، جنهن مان اسڪول ويندڙ ٻارن جو تعداد 10204647 آهي، ائين اسڪول نه ويندڙ ٻارن جو تعداد تقريباً چاليھ لک ٿئي ٿو. سنڌ سرڪار مطابق سرڪاري اسڪولن ۾ ويندڙ ٻارن جو تعداد  اوڻيتاليهه لک آهي، باقي ٻار خانگي اسڪولن، مدرسن ۽ مرڪزي حڪومت جي اسڪولن ۾ وڃن ٿا. انهن مان مدرسن ۾ پڙهندڙ ٻارن جو تعداد پنج لک جي قريب آهي. اهو به چوڻ ۾ اچي ٿو ته پرائمري ۾ داخلا وٺندڙ ٻارن مان 54 سيڪڙو ٻار هاءِ اسڪول نٿا پهچن. انهيءَ جو مطلب ٿيو ته سنڌ جا ڪوئي سٺ لک ٻار يا ته پرائمري ۾ داخل نٿا ٿين يا وري پرائمري کان اڳتي نٿا پڙهن. اها به ڳالهه اهم آهي ته ڇا اسان جي تعليمي ادارن ۾ ڏني ويندڙ تعليم دنيا جي جديد تقاضائن مطابق آهي. انهيءَ جو جواب تمام آسان آهي، جو دنيا ۾ هر انهيءَ شخص کي جاهل سمجهيو وڃي ٿو، جنهن کي ڪمپيوٽر جي ڄاڻ نه آهي. اسان وٽ تعليمي ادارن ۾ ڪهڙي سطح تي ۽ ڪيتري ڪمپيوٽر جي تعليم ڏني وڃي ٿي، اها ڳالهه ڪنهن کان ڳُجهي نه آهي. ڪمپيوٽر ۾ اهو پراڻو، فرسودهه ڪورس پڙهايو وڃي ٿو. ائين اسان جا نوجوان دنيا جي نئين تقاضائن تي پورا نٿا لهن. ٻئي طرف خانگي تعليم هڪ منافعي بخش ڪاروبار آهي. انهي ڪري سنڌ ۾ اڀرندڙ وچولي طبقي سان “اٺ پکي” وارو حال آهي. سنڌ ۾ وچولو طبقو نه اڀرڻ ڪري سنڌ جي سياست پڻ ڊانواڊول آهي. انهي جو عڪس سنڌ جي موجودهه سياسي صورت حال مان پسي سگهجي ٿو.

جيستائين سنڌ جي وسيلن جو تعلق آهي ته سنڌ گيس جي ملڪي پيداوار جو سٺ سيڪڙو کان وڌيڪ ۽ پيٽرول چاليھ سيڪڙو کان وڌيڪ پيدا ڪري ٿي. ٻئي طرف ٿرڪول ۽ پن بجلي جي پيداوار پڻ اسان لاءِ لاڀائتي نه آهي. گلگلت، بلتستان ۾ واقع منگلا ڊيم مان ٺهندڙ بجلي، تازو حڪومت پاڪستان طرفان اتان جي ماڻهن کي تمام سستي اگهه تي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف تربيلا ڊيم مان ٺهندڙ بجلي جو معاوضو خيبر پختوانخوا صوبي کي ڏنو وڃي ٿو. سنڌ وارن کي نه ته معاوضو ملي ٿو ۽ نه ئي ڪا ان تي ڪا رعايت ڪئي وڃي ٿي.

پنجاب پنهنجي رڻ پٽن کي آباد ڪرڻ ۽ صوبي جي وڌ ۾ وڌ زمين آباد ڪرڻ لاءِ مرڪزي حڪومت تي دٻاءُ وجهي ملڪ ۾ ڇهن اهم واهن جو راڳ ڇيڙيو آهي. انهي واهن مان هر ذي هوش ماڻهو کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي/اچڻ گهرجي ته، صرف پنجاب جا ٻه واهه يعني چولستان ڪئنال ۽ ٿل ڪئنال لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو پيو وڃي. ٿل ڪئنال دراصل گريٽر ٿل ڪئنال جو حصو آهي. انهيءَ مان شوبارا ڪئنال ڪڍيو پيو وڃي. سنڌ جي مخالفت جي باوجود اهو منصوبو ايڪنيڪ طرفان 16 مارچ 2022ع تي منظور ڪيو ويو. ٻئي طرف 231 ارب رپين جو چولستان ڪئنال سسٽم جي  پهرين مرحلي جو منصوبو 13 آڪٽوبر 2024ع تي سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (سي-ڊي-ڊبلو-پي) طرفان منظور ڪري ايڪنيڪ کي موڪليو ويو آهي. انهيءَ ۾ چولستان واهه ۾ ايندڙ فوجي تنصيباتن کي هٽائڻ لاءِ 19.5 ارب رپيا پڻ شامل آهن. پنجاب کي چولستان جي رڻ کي آباد ڪرڻ ۾ ڪيتري تڪڙ آهي، ان جو هن ڳالهه مان اندازو ٿي سگهي ٿو. منصوبو “گرين انيشيٽو” جي نالي هيٺ فيبروري 2024ع ۾ ايڪنيڪ وٽ منظوريءَ لاءِ آيو هو. ايڪنيڪ ان جي منظوري انهي شرط تي ڏني ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل کان ان جي منظوري ورتي وڃي. انهي منصوبي ۾ ريڻي ڪئنال، ٿر ڪئنال، ڪڇي ڪئنال، چشما رائيٽ بينڪ ڪئنال، گريٽر ٿل ڪئنال ۽ چولستان ڪئنال شامل آھن. جيئن گريٽر ٿل ڪئنال مان نڪرندڙ شوبارا ڪئنال جي منظوري ايڪنيڪ 16 مارچ 2022ع تي ڏئي چڪي آهي ۽ هاڻي وري ٻيهر چولستان ڪئنال جو منصوبو ايڪنيڪ کي منظوري لاءِ موڪليو پيو وڃي. چولستان ڪئنال منصوبي جي پهرئين مرحلي ۾ چولستان جي 22 لک ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي. جيڪڏهن ايڪنيڪ پڻ چولستان ڪئنال جي منظوري ڏئي ڇڏي ته پوءِ ان تي عمل ڪرڻ کان پنجاب کي ڪو به روڪي نه سگهندو.

جيئن ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ 2008ع کان وٺي اقتدار ۾ آهي. انهيءَ ڪري ان تي وڏي ذميداري عائد ٿئي ٿي ته اها سنڌو درياهه جي پاڻي سان ٿيندڙ هٿ چراند تي ڪو وقتائتو فيصلو ڪري، ان کي روڪي. پيپلز پارٽي هن وقت ٻه واٽي تي بيٺي آهي. هڪ طرف هن جي نظر 2028ع جي اليڪشن تي آهي. انهيءَ ڪري پيپلز پارٽي سنڌ جي پاڻي کي بچائڻ لاءِ ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي ناراض نه ڪرڻ چاهيندي. ساڳئي وقت اها پنهنجي مضبوط سياسي ڳڙهه سنڌ کي به وڃائڻ نه چاهيندي. انهي ڪري پيپلز پارٽي زباني ڪلامي گهڻو ڪو گوڙ گهمسان ڪندي پر عملي طرح ڪو ڪمون شهيد جي ڌرڻي جهيڙو فيصلو نه ڪندي. ائين هو “پئنچن سان پوري ۽ ساڌن سان سنمک” رهندي. ان کان علاوه سنڌ ۾ باقي قومپرست، ترقي پسند ۽ ٻيون سياسي جماعتون رهن ٿيون. ڇا اهي ڪي عملي قدم کڻي پنجاب کي سنڌ سُڪائيندڙ منصوبن کان روڪي سگهن ٿيون. اهو ايندڙ وقت جواب ڏيندو. باقي هن وقت صورتحال اها آهي جو قومپرست ڌُريون ٻن حصن ۾ ورهائجي ويون آهن. هڪڙي ڌُر سنڌ ۾ مذهبي ڇڪتاڻ وڌائيندڙ ڌُرين کي پاڻ سان گڏ کڻي پاڻيءَ جي مسئلي تي جدوجهد ۾ مشغول آهي. ٻي ڌر وري مذهبي انتهاپسندي ۽ پاڻي مسئلي کي گڏي ان خلاف جدوجهد ڪرڻ جي قائل آهي. مقصد ته قومپرست هن نازڪ موڙ تي پنهنجا اختلاف هڪ پاسي رکي گڏجي جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. سنڌ ۾ ٻه ٻيون سياسي ڌُريون آهن، جن ۾ مهاجر قومي مومينٽ ۽ گرانڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) شامل آهن، انهن مان پهرين ڌر کي ته سنڌ جي قومي مسئلن سان ڪا به دلچپسي نه آهي. باقي جي ڊي اي به ڦريل واپاري وانگر رڙيون ته ڪري پئي، پر چورن جي پويان لڳڻ يا وڙهڻ لاءِ تيار نه آهي. اهڙي نازڪ صورتحال ۾ سڄي ذميداري سنڌ آبپاشي کاتي تي اچي ٿي. جيڪڏهن سنڌ آبپاشي کاتو انگن اکرن سان اهو ثابت ڪري ته، پنجاب 1991ع ٺاهه ۾ کيس تفويض ٿيل پاڻيءَ جي مقابلي ۾ ڪيترو پاڻي استعمال ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن پنجاب ٺاهه کان وڌيڪ پاڻي استعمال ڪري رهيو آهي ته پوءِ هن جا منصوبا رد ٿيڻ گُهرجن، ٻيو ته سنڌ آبپاشي کاتي کي سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتو ندين مان نڪرندڙ واهن ۽ لنڪ ڪئنالن تي ٽيليميٽري سسٽم لڳرائڻ لاءِ ڪوشش وٺڻ گهرجي. ان کان علاوه آبپاشي کاتو 1991ع واري ٺاهه کانپوءِ درياهن ۾ ايندڙ پاڻي ۽ ان جي استعمال جي آڊٽ غيرجانبدار پاڻي ماهرن کان ڪرائي ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پون. سنڌ حڪومت کي پنجاب جي نون پاڻي منصوبن جي منظوريءَ کي پاڻي آڊٽ سان مشروط ڪرڻ کپي. اهو انهي ڪري به ضروري آهي ته واپڊا جي  اڳوڻي چيئرمين شڪيل دراني هڪ پروگرام ۾ چيو ته، سنڌ طاس ۾ 15 کان 18 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گم ٿي وڃي ٿو. اهو پاڻي ڳولڻ لاءِ آڊٽ ضروري آھي.