قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ مختلف کاتن جي رٽائرڊ ملازمن ناانصافين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين ممتاز علي ٻرڙو، محمد ايوب سولنگي، تاج محمد چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته سرڪار رٽائرڊ ملازمن سان ناانصافيون ڪري جائز مسئلا به حل نه ٿي ڪري، سنڌ سرڪار گروپ انشورنس به نه پئي ڏئي، وفاق طرفان رٽائرڊ ملازمن کي 20 سيڪڙو بينيوئل فنڊ ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته سنڌ سرڪار 10 سيڪڙو ملندڙ بينيوئل فنڊ به بند ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سن ڪوٽا ۽ صحت ڪارڊ به نه ٿو ڏنو وڃي، هنن چيو ته جائز مطالبا مڃي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ سميت ڪراچي ۾ ڌرڻو هنيو ويندو.