ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پورهيتن جو عالمي ڏينهن، مختلف شهرن ۾ ريليون: مزدور پيٽ گذر لاءِ پريشان، پورهيتن کي بنيادي حق ڪيئن ملندا؟ پورهيتن جي ڀلائي لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته مزدور پنهنجي عالمي ڏينهن تي به مزدوري ڪندي نظر آيا، ڪامورن موڪلون ڪيون، حڪومت کي گهرجي ته مزدورن لاءِ ڪو پيڪيج ڏي، ماهوار وظيفو ڏي، مزدورن جي عالمي ڏينهن تي سرڪار مزدور کي اجرت ڏي، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته گهٽ ۾ گهٽ مقرر ٿيل اجرت تي به عمل نٿو ٿئي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته ھي دنيا جو پھريون ملڪ آھي جتي مزدور جي نالي تي آفيسر موڪل جي ڪري محلاتن ۾ آرام پيا ڪن جڏهن ته پورھيت اڄ به ٻن ويلن جي پورھئي لاءِ پريشان آھي، اختر آزاد ڏاهري لکيو ته سنڌ ۾ رڳو صنعتڪار ۽ سرمائيدار پورهيتن جو نه ميڊيا ۾ به ڪم ڪندڙ ماڻهن کي گهٽ اجرت ڏني وڃي ٿي، طيب انقلابي لکيو ته مھانگائي ۽ بيروزگاري کي گھٽائڻ جي ڪوشش ڪجي، صدورو مهر لکيو ته پورهيت پنهنجي بنيادي حقن کان محروم آهن، قانوني تحفظ کي مضبوط ڪرڻ حڪومتن کي مزدورن جي حقن بابت موجوده قانونن تي سختي سان عمل ڪرائڻو پوندو، زاهد منگي لکيو ته پورهيتن جي ٻڌي ۽ منظم وطن دوست پورهيت تنظيمن ۾ شموليت جتي سندن نظرياتي ۽ فڪري تربيت ٿئي ان ۾ شموليت ڪرڻ ۽ سندن اولاد کي صحيح معنيٰ ۾ تعليم ملڻ سان ئي بهتري اچي سگهي ٿي. نياز احمد ڀيو لکيو ته سڄي دنيا ۾ مزدورن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، اتي اڄ به غريب مزدور ۽ ڏهاڙيدار طبقو سخت پريشان آهي، مزدور ۽ ڏهاڙيدار طبقو پڻ ھن مهانگائي ۾ سخت پريشان آهي، مزدور ڏينهن تي مزدورن جي نالي تي موڪل به سرڪاري ماڻهن کي آهي پر مزدور ۽ ڏهاڙيدار طبقو مزدوري لاءِ پريشان آهي، خصوصي مزدورن ۽ ڏهاڙيدار طبقي جي لاءِ سرڪاري سطح تي ڪنهن خاص پيڪيج ۽ سهولتن جو اعلان ڪيو وڃي. جيئن پهرين مئي تي پورهيت موڪل ڪري گهر ۾ پنهنجي ٻچڙن سان گڏ وقت گذاري ها ۽ سک جو ساھه کڻي ها، اخلاق احمد لکيو ته مزدورن جي عالمي ڏينهن تي به ننڍڙا معصوم ٻارڙا جنهن جي عمر لکڻ پڙهڻ ۽ راند روند ڪرڻ جيتري آهي اهي ٻارڙا گهرن جا حالات بهتر نه هجڻ ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب قمبر شھر جي مختلف دڪانن تي مزدوري ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي گهر ڀاتين جو پيٽ پالن ٿا پر انهن لاءِ حڪومت ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن. وحيد مستوئي لکيو ته مورو شھر جي مختلف ھنڌن تي وڃي ڏٺو مزدور جي ڪا موڪل نه ھئي اھو مزدوري پيو ڪري پنھنجي پيٽ گذر معصوم ٻارڙن جي پيٽ گذر ۽ زندگي جي سفر کي ڌڪڻ لاءِ… نديم ميمڻ لکيو ته پورهيت جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي پر پر ان ڏينهن تي مزدور طبقي جي لاءِ ڪيو ڪجه نه ويندو آهي ان تي مزدور کي گهرائي ڪجهه نه ڪجهه حڪومت طرفان ڏنو وڃي مزدورن جي اجرت وڌائي وڃي، مزدور طبقي کي ڪارڊ جاري ڪيو وڃي جيئن هر مهيني ڪجهه نه ڪجهه حڪومت جي طرفان ملي، الياس سمون لکيو ته پورھيتن جو اڄ عالمي ڏينهن آھي پر افسوس جو انھن کي خبر به ناھي ته سندن نالي ڪو اڄ عالمي ڏينهن آھي ان حق کان به ھو محروم آھن، عبدالله ڇٽو لکيو ته مزدورن جي عالمي ڏينھن تي اسان جا پورھيت ھاري پنھنجي روزي روٽي لاءِ ڪم ڪري رھيا آھن، هنن کي موڪل هجڻ گهرجي، هنن لاءِ اجرت جو بندوبست هجڻ گهرجي، اوڀايو خان راڄڙ لکيو ته اسان اسڪولن ۾ جاڳرتا مهم هلائي، شاگردن پورھيتن سان گڏ ڪم ڪري پاڻ کي پورھيت وانگر سمجھيو، حيدري غفور جروار لکيو ته پورھيتن کي تڏھن بنيادي حق ملندا جڏھن ھنن کي پوري ڏھاڙي ملندي، راجڪمار اوڏ لکيو ته مزدور طبقو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي، احسان فقير لکيو ته مزدورن کي پوري اجرت به نٿي ملي، عرفان منگي به سروي ۾ حصو ورتو، مهتاب علي لکيو ته پورهيت جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي پر پر ان ڏينهن تي مزدور طبقي جي لاءِ ڪيو ڪجهه نه ڪيو ويندو آهي ان تي مزدور کي گهرائي ڪجهه نه ڪجهه حڪومت طرفان ڏنو وڃي، اجرت وڌائي وڃي، امين فهيم زئور لکيو ته ميرپوربٺورو شھر جي مختلف ھنڌن تي وڃي ڏٺو مزدور جي ڪا موڪل نه ھئي، وحيد ڳاهو لکيو ته جيستائين مزدور منظم نٿو ٿئي ۽ هن ۾ پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ جو شعور پيدا نٿو ٿئي، تيستائين هو ڪجهه نٿو ڪري سگهي. هتي اسان وٽ مزدور پنهنجن گهرن کان تمام گهڻو پري روزگار ملڻ جي ڪري هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃي ٿو، ڇو جو صنعتون ڪجهه مخصوص حصن ۾ لڳل آهن، ان ڪري هو اتي ڪنهن به يونين جو حصو ٿيڻ پسند نٿو ڪري. هو پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ ٿو سمجهي ۽ منظم ٿيڻ کان گهٻرائي ٿو. ان ڪري هو هميشه ڪمزور رهيو آهي. ان کي گهرجي ته هو پنهنجي مزدورن سان گڏ بيهي ۽ پنهنجي طبقاتي مفادن جو تحفظ ڪري ۽ ڪنهن مزدور يونين جو حصو بڻجي. جيستائين اهي رڪاوٽون دور نه ٿينديون تيستائين هو ڪوبه مثبت ڪردار ادا نٿو ڪري سگهي. راشد بابا ڀٽي لکيو ته پورهيت ڏاڍي ڏکي زندگي گذاري رهيا آهن پورهيتن سان ظلم جبر اڄ به آهي، ساري دنيا پورهيتن مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهائي مزدورن کي ياد ڪري رهي آهي پر اڄ به ساري دنيا ۾ مزدور پنهنجي ڪم لاءِ پريشان آهن ۽ آفيسر مزدورن جي ڏينهن جي موڪل ڪري اي سي وارن ڪمرن ۾ آرامي آهن، نديم نياز ميمڻ لکيو ته ڏوڪري ۾ مزدورن پورهيتن جي عالمي ڏينهن تي شهر ۾ نه تقريب نه ئي ريلي ڪڍي وئي، عالم پالاري لکيو ته پورھيتن جي عالمي ڏينھن تي نوري آباد جي صنعتي زون جي فيڪٽرين ۾ ڏھاڙي تي مزدورن کان جبري پورھيو ورتو وڃي ٿو مزدورن کي گھٽ اجرت ملي ٿي ٺيڪداري نظام لاڳو ٿيل پورھيتن کي سرڪار جي ڪيل اعلان باوجود به گھٽ پگھار ملي نه ٿي پورھيت کي بنيادي سھولتون نه ھئڻ برابر آھن ليبر قانون تي عمل نٿو ٿئي، محمد اسلم لکيو ته مزدورن لاءِ اولاد جي تعليم، صحت، رهائش وغيره جهڙيون سهولتون ڏيڻ گهرجن، اختر اوڳاهي لکيو ته جاپان ۾ به مزدورن جو ڏينهن پهرين مئي تي ملهايو ويندو آهي.جڏهن ته پهرين مئي تي سرڪاري موڪل نه ھوندي آهي اڪثر جاپاني ڪمپنيون پنهنجن ملازمن کي ھن ڏينھن جي اضافي اجرت ادا ڪنديون آھن. جاپان ۾ ھر سال پھرين مئي کان ساليانو انڪريمينٽ لاڳو ڪيو ويندو آھي. جاپان ۾ مزدورن لاءِ بھترين قانون آهن، جن ۾ ليبر معيار ايڪٽ، گهٽ ۾ گهٽ اجرت ايڪٽ، ۽ روزگار انشورنس ايڪٽ وغيره شامل آهن، جيڪي مزدورن جي حقن جي حفاظت ڪن ٿا ۽ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي معيار، اوور ٽائيم ضابطن، ۽ بيروزگاريءَ کان نجات جهڙا فائدا فراهم ڪن ٿا. جاپان ۾ سوشل ايڪٽوٽيز جي پروگرامن ۾ بيروزگاريءَ کان نجات، مزدورن جي سيلف سيفٽي ،صحت جي سار سنڀال، ۽ پينشن منصوبا شامل آهن. سعدالله چانڊيو لکيو ته موجوده دور ۾ مزدور ته ڇا پر چڱن ڀلن ماڻهن جو گذر سفر ئي ڏکيو پيو ٿئي پاڪستان ۾ مزدورن کي بنيادي حق ملڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر ٿيندو، باقي اگر اسان وٽ فيڪٽريون وغيره لڳن ۽ مزدورن کي اجرت بهتر ملي حڪومت طرفان انهن جي مدد ٿيڻ گهرجي ۽ ننڊا ننڊا روزگار ڏنا وڃن انهن کي ته جيئن مزدور ماڻهن جو گذر سفر بهتر ٿي سگهي. عبدالخالق خاصخيلي لکيو ته ٽنڊوجان محمد ۾ پورھيتن جي عالمي ڏينھن تي ٽائون ڪاميٽي جي صفائي ڪندڙ عملي جي موڪل ڪونه ھئي، خير محمد کاڙت لکيو ته پورھيتن جا بنيادي حقوق انسانيت سان ملندا اسان جو معاشرو انساني ڏيوالپڻي جو شڪار آهي اسان صرف پنهنجي لاءِ جيئڻ چاھيون ٿا، ڪيريو آفتاب لکيو ته ڀرياسٽي ۾ مزدورن جي عالمي ڏينهن تي به پورهيت مٿان تشدد ڪيو ويو، مظفر شبير بوزدار لکيو ته مزدورن جي عالمي ڏينهن تي مزدور سڀ مزدوري تي سرڪاري ڊيوٽين وارا سڀ آرامي ڏٺا، جان محمد گاڏهي لکيو ته حڪومت مزدور جي ڏهاڙي 37000 جو اعلان ته ڪيو آهي پر ڪٿي به عمل ناهي ٿيو، عبد آريسر لکيو ته سنڌ جو پورھيت مزدوري ڪري ٿو ۽ کيس حق نٿا ملن، اشفاق چانڊيو لکيو ته پهرين مئي مزدورن جي عالمي ڏينهن تي دنيا جو چرخو هلائيندڙ مزدورن کي سرخ سلام. محمد اڪرم راهمون لکيو ته مزدورن جي عالمي ڏينهن تي ھڪ ٿري غريب مزدور جو قتل، حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته ٿري پورهيت جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، عبدالخالق لکيو ته انهن جي داد رسي ڪير ڪندو، بشير ميراڻي لکيو ته پورهيت مزدوري ڪري پيو ۽ سيٺ آرام پيا ڪن، ارشاد ميراڻي لکيو ته پورهيتن جو عالمي ڏينهن هر سال ته ملهايو وڃي ٿو، مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍجن ٿيون، پر مزدور اڄ به بنيادي حقن کان محروم ۽ گذر لاءِ پريشان آهن. پورهيتن کي سندن حق تڏهن ملندا جڏهن حڪومت عملي قدم کڻندي، مزدور دوست پاليسيون جوڙي ۽ انهن تي سختي سان عمل ڪرائيندي. ايندڙ وقت ۾ پورهيتن جي ڀلائي لاءِ ضروري آهي ته: گهٽ ۾ گهٽ اجرت جو قانون لاڳو ڪري يقيني بڻايو وڃي. غير رسمي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي رجسٽرڊ ڪري سوشل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. پورهيتن لاءِ مفت صحت ۽ تعليم جون سهولتون ڏنيون وڃن. ليبر يونينز کي مضبوط ڪيو وڃي ته جيئن پورهيت پنهنجا حق پاڻ به محفوظ رکي سگهن. اهي قدم صرف حڪومت نه، پر سماجي تنظيمون، ميڊيا ۽ صنعتڪار به گڏجي کڻن ته ئي حقيقي تبديلي اچي سگهي ٿي. قاسم خاصخيلي، مولابخش، علي اصغر چوهاڻ، عمر فاروق به سروي ۾ حصو ورتو، بابو ظفر لکيو ته پورهيت کي مقرر اجورو 37000 ڪٿي به نٿو ملي، محمد زيد سومرو لکيو ته پورهيتن جو عالمي ڏينهن اسان کي اهو احساس ڏياريندو آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي پگهر ۽ محنت سان سماج جو ڍانچو سنڀالي رهيا آهن، انهن جي زندگي اڃا تائين بنيادي سهولتن کان محروم آهي. نبيل احمد جانوري لکيو ته مزدورن سان تمام گهڻيون ناجائزيون آهن، مزدور مزدرون جي عالمي ڏينهن تي به پنهنجي پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ مزدوري ڪري رهيا آهن، حڪومت کي گهرجي ته مزدورن لاءِ به ڪو ماهوار وظيفو رکيو وڃي، سردار حبدار علي، محمد اڪرم راهمون به سروي ۾ حصو ورتو.