نصيرآباد (ن پ ا)رائيس مل مزدور يونين نصيرآباد-گاجي کھاوڙ پاران صدر ڪامريڊ سينگار نوناري، محمد عيسيٰ چنجڻي، ممتاز جھتيال، نورل ڪوري، علي اڪبر بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي آرٿر واهه موري وٽ ڌرڻو هنيو ويو،اڳواڻن چيو ته ھڪ پاسي مھانگائي عوام جو جيئڻ ڏکيو ڪيو آھي، ٻئي پاسي مزدورن جا جائز حق ليبر ڊپارٽمنٽ ڦٻايون ويٺي آھي، مزدورن کي رجسٽر ڪرڻ، نياڻين جي ڏاج فراھم ڪرڻ، تعليم جو خرچ، رٽائرڊ پورھيتن جي پينشنز جي فراهميءَ بند ڪئي وئي،  پورھيتن سان ٿيندڙ زيادتين کي ٻنجو نہ ڏنو ويو تہ احتجاج جاري رکيو ويندو.