جڏھن اقوام متحده جو نالو نشان نـه ھو، ان وقت ليگ آف نيشنس هئي. 11 اپريل 1919ع تي ھڪ آمريڪي مزدور يونين اڳواڻ سيمويويئل گومپر، ٻن برطانوي شھرين ھر ھڪ نالي جارج برنيس (واپاري تنظيم جو اڳواڻ) ۽ سرڪاري اعليٰ ملازم ھارڊ پٽلر جي ڪوششن سان انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جو بنياد وڌو. ھن آرگنائيزيشن جو اھم مقصد مزدورن جي حقن، اجرت، ڪم جي وقت، تحفظ وغيرھ تي زور ڏنو ويو. لڳ ڀڳ 140 ملڪن راضي نامي تي صحيون ڪيون. ھن وقت آءِ ايل او جي سربراھ جو نالو گلبرث ايف ھنگبو آھي. ھي آفريڪا جو پھريون شخص آھي، جيڪو ھـن عھدي تي 2027 تائين يارھن مختلف ملڪن جي ڊائريڪٽرن جي سٿ سان چونڊيو ويو آھي.
سڀ کان پھرين مزدور جي وصف ڪرڻ ضروري آھي. مزدور ڇا آھي؟ انٽرنيشنل مزدور تنظيم جي معيارن مطابق ڪنھن شخص توڙي ڪمپني وٽ مقرر وقت تي پابندي سان ڪم ڪرڻ، جنھن ۾ وزن کڻڻ، اڏاوت جو ڏکيو ڪم ڪرڻ، وڏي مشنيري ھلائڻ، ڊرائيونگ، چوڪيداري، ڀرائي، کوٽائي، زراعت ۾ ھٿ يا مشين سان ڪم ڪرڻ، فيڪٽرين ۾ ڪم ڪرڻ، ڪنھن غيرمستند ماڻهوءَ وٽ ان جي ذاتي ننڍي ڪاروبار ۾ ماھوار توڙي ڏھاڙي جي بنياد تي ڪم ڪرڻ وارن ماڻهن کي مزدور چئجي ٿو. اھڙن مزدورن جي حقن لاءِ پھرين مئي 1868ع تي شڪاگو ۾ ھزارين مزدورن جي اٺ ڪلاڪ کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ کان انڪار ۽ احتجاج کي نظر ۾ رکندي 11 اپريل 1919ع تي، پھرين جنگ عظيم خاتمي بعد انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن تنظيم جو بنياد رکيو ويو. پاڪستان 31 نومبر 1947ع تي تنظيم جي سرگرم رڪن ملڪ طور صحي ڪري حصو ورتو ۽ 2021 کان 2024 تائين گورننگ باڊي جو ميمبر رھيو. ھتي اسان مختلف شعبن، خاص طور پاڪستان، ۾ مزدورن سان ٿيندڙ ناانصافين جو مختصر جائزو وٺون ٿا:
زرعي مزدورن سان ناانصافيون:
پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ صوفي شاهه عنايت جي زراعت سان لاڳاپيل ماڻھن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪنهن کان لڪل نه آھي. صوفي شاھ عنايت کي “جو کيڙي سو کائي” نعري ھڻڻ سبب شھيد ڪيو ويو. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ھارين جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندي جيل ھليو ويو. سندس ڪوششن سبب سرڪار ھاري قانون ۾ تبديليون آنديون. جيئن ته زراعت ۾ ٽيڪنالاجي اچڻ سان گڏ زميندار جي غلط پاليسين، جنهن ۾ وياج، ھارپي ۾ به اڌ يا معقول حصيداري، ھارپي لاءِ پيسا وٺڻ سبب، ھاري ھارپو ڪرڻ کان زميندار وٽ ان ساڳي زمين تي مزدوري ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. “سيري” جي نالي تي زميندار سڄو فصل ھاريءَ کان مزدوري تي پوکرائي ٿو. ھن وقت ھاري زرعي مزدور ۾ تبديل ٿي چڪو آھي. پر ان زرعي مزدور لاءِ به سرڪار وٽ ڪا سھولت موجود نه آھي. ريگستاني علائقن کان آيل لاباري وارا مزدور “پنهنجي مدد پاڻ” تحت جھوپڙيون ٺاھي ويھن ٿا. مختصر عرصي لاءِ لڏ پلاڻ سبب سندن ٻارن جي تعليم تي اثر پوي ٿو، ۽ انھن کي صحت جي ڪا خاص سھولت ميسر نه هوندي آهي. مثال طور حادثي جي صورت ۾ ترت علاج ڏئي اسپتال پھچائڻ جو نظام موجود نه آھي. ھزارين آيل ماڻھن ۾ ٻارَ ۽ عورتون، جن ۾ ڪيتريون ڳورهاريون پڻ ھونديون آھن، اهي ذھني توڙي جسماني طور سخت متاثر ٿين ٿا.
صنعتي مزدورن سان ناجائزيون:
فيڪٽرين ۾ مزدورن کي مستقل روزگار ڏيڻ بدران انهن کي اڪثر ڪري اسان جي ملڪ ۾ “ڪچو” ۽ “ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ” طور رکيو ويندو آهي. گارمينٽس توڙي وڏيون دواساز ڪمپنيون، تيل ۽ گئس ڪڍندڙ ڪمپنيون سڌو سنئون مزدورن جي ڀرتي ڪرڻ بدران ٽئين ڌُر جي ذريعي مزدورن سان ننڍي مدي جو معاھدو ڪنديون آهن، جنهن ڪري اسان وٽ مزدورن جا حق غضب ٿي رھيا آھن. 11سيپٽمبر 2011ع تي ڪراچي گارمينٽس فيڪٽري ۾ باھ لڳائي وئي، جنھن ۾ 289 مزدور سڙي مري ويا. بلوچستان ۾ روڊ ڪمپني جي ورڪرن ۽ ڪوئلي جي کاڻين تي ڪم ڪندڙن تي راڪيٽن سان حملو ڪري ڪيترائي مزدور مارجندا رھيا آھن. ان سان گڏ ڪوئلي جي کاڻين ۾ مناسب حفاظتي انتظام نه ھجڻ سبب ڀڪون ڪرڻ، زهريلي گئس سبب ساهه ٻوساٽجڻ، آڪسيجن گئس جو مناسب انتظام نه هجڻ سبب ڪيترائي مزدور هر سال ٻوساٽجي مري رھيا آھن.
ميونسپل ملازمن جي حق تلفي:
حق تلفي جو صرف پگھار سان تعلق نه آھي. اها جاني، مالي توڙي سماجي عدم تحفظ، نامناسب روين، امتيازي سلوڪ وسيلي پڻ ڪئي ويندي آھي. اسان وٽ صفائي ۽ نيڪال جي نظام سان لاڳاپيل ملازمن کي ٻئي درجي جو انسان سمجھيو ويندو آھي. سندن کائڻ پيئڻ جا ٿانوَ الڳ رکيا ويندا آھن. انھن سان ھٿ ملائڻ گوارا نه ڪيو ويندو آھي. ايتري قدر جو ميونسپل ادارن ۾ خاڪروبن کي سڌو سنئون ڀرتي ڪرڻ بدران ٺيڪيداري نظام تحت ڀرتي ڪيو وڃي ٿو، جنهن ڪري انهن کي تمام گهٽ پگهارون ڏنيون وينديون آهن. ان هوندي به انهن کي مھينن جا مھينا پگھارون نه ٿيون ملن، جنهن ڪري وقتاً فوقتاً اهي مجبور ٿي “ٻوهارا ڇڏ” ھڙتالون ڪندا رهندا آهن. صفائي سٿرائي سان واسطو رکندڙ ميونسپل ملازمن کي پيشيوارڻي تحفظ جو سامان نه ملڻ سبب گٽر نالن اندر صفائي جي ڪم دورران پڻ ڪجهه ملازم ساھ ٻوساٽجڻ سبب پنهنجون زندگيون وڃائي ويھن ٿا.
خانگي سيڪيورٽي ۽ تعليمي ادارا:
مزدورن جو استحصال صرف ڏھاڙي جي ملازمن جو نـه ٿو ٿئي، پر ملڪي سطح تي معروف مشھور سيڪيورٽي ادارا گارڊن کان ٻارھن ڪلاڪ ڪم وٺن ٿا، انهن کي گھٽ پگھار ڏين ٿا، ان سان گڏ انهن جي انشورنس نه هجڻ ڪري حملا آورن جي اوچتي حملن سبب سندن مرڻ تي وارثن کي ڪو به معاوضو وغيره نه ٿو ملي، جيڪا انساني حقن جي کليل خلاف ورزي آهي. ان کان علاوه انهن کي پراڻا ۽ غيرمعياري ھٿيار ڏنا ويندا آهن، جيڪي وقت تي ڪم نه ڪندا آهن. وڏي ڳالهه اها آهي ته انهن سان فرض ۾ ادائگي دوران ڪنهن معمولي غفلت يا ڳالھ تان نوڪري مان ڪڍي ڇڏڻ جھڙا هاڃا ڪيا ويندا آهن. ساڳيو حال خانگي تعليمي ادارن جو پڻ آھي. جڳ مشھور نجي تعليمي ادارا، تيل ڪمپنين ۽ سرڪار کان ڪروڙين رپيا وٺڻ باوجود استادن کي رضاڪار جي نالي ۽ آڙ ۾ سرڪار جي مقرر ڪيل حد کان تمام گھٽ ۽ دير سان پگھارون ڏنيون وڃن ٿيون.
فيول سپلاءِ انڊسٽري:
دنيا ۾ وڏي ۾ انڊسٽري فيول انڊسٽري آھي. قدرتي تيل ۽ گئس جي ڳولا کان ريفائننگ تائين ملازمن کي ته تمام سٺيون پگھارون ۽ سھولتون ملن ٿيون، پر سر زمين تي اھا پيداوار پئٽرول پمپن يا فِلنگ اسٽيشنن تي وڪرو ڪندڙ ملازمن سان ويڳي ماءُ وارو رويو رکيو ويندو آهي. پئٽرول پمپن يا فلنگ اسٽيشنن جا مالڪ انهن ملازمن کان تمام گھٽ پگھار تي 12 کان 24 ڪلاڪ لڳاتار ڪم وٺندا آهن. کين ھڪ ڏينهن گُسائڻ يا موڪل ڪرڻ تي سندن پگھار مان ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي يا ان جي بدلي کين ڊبل ڊيوٽي ڪرڻي پوي ٿي. پاڪستان ۾ فيول پمپن تي ڪم ڪندڙ ملازم رجسٽرڊ ئي نه آھن.
عالمي سطح تي مزودرن جو استحصال:
ڪفالا نظام/اسپانسرشپ سسٽم جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو. هي سسٽم هڪ پناهگير مزدور جي رهائشي اجازت نامي کي انهن جي آجر يا اسپانسر ڪندڙ “ڪفيل” سان ڳنڍيندو آهي، جنهن جي ڪري مزدورن لاءِ نوڪريون تبديل ڪرڻ يا انهن جي اسپانسر جي اجازت کان سواءِ ملڪ ڇڏڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي. اڪثر حالتن ۾ پناهگير مزدور جو پاسپورٽ آجر پاڻ وٽ رکندو آهي يا ضبط ڪندو آھي؛ ان سان گڏوگڏ اهو انهن کان روزگار ڏيڻ جا پيسا چڱي خاصي ٻڌي رقم طور پڻ وٺندو آھي. ڪافي وقت کان ڪيترن ئي ملڪن ۾ روزگار جي نالي تي انسانن جي اسمگلنگ ٿي رهي آهي. سوين مزدور غيرقانوني طريقي سان يورپ ويندي ٻيڙي ٻڏڻ يا ان تي مقامي فوج جي حملي سبب يونان جي سمنڊ ۾ ٻڏي ۽ قتل ٿي چڪا آھن.مٿي ذڪر ڪيل مزدورن سان ناانصافيون عالمي مزدورن جي تنظيم جو مؤثر طور ڌيان ڇڪائي نه سگهيون آهن ۽ نه وري ڪو لائحه عمل ڏئي سگهيون آهن. ها اهو ضرور آهي ته وقتاً فوقتاً اهي مختلف ادارن ۽ تنظيمن جي پليٽ فارمن تان اهڙن ياداشتنامن ۽ معاھدن تي صحيون ڪرائينديون رهيون آهن!