ملير(رپورٽر) ايس ٽي پي ملير پاران مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي پريس ڪلب آڏو مظاھروڪيو ويو، جنهن کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي ملير جي صدر نادر مگسي، اختيار سومرو، ممتاز مگسي، مير خان لاشاري، نصرت سومرو، بچل گبول ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي مزدورن سان سرمائيدارن ۽ حڪمران طبقي ويساھ گھاتيون ۽ ظلم ڪيا آهن، کين ٻن وقتن جي پيٽ گذر لاءِ سرڪار پاران اعلانيل 37000 رپيا اجورو نٿو ڏنو وڃي، ھنن چيو تگ سنڌ ۽ وفاقي سرڪار پورھيتن جي ماھوار پگهار ھڪ تولي سون برابر ڪن.