اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراھيءَ ۾ ٽي رڪني بئنچ ٻڌڻي  ڪئي، جنھن دوران جسٽس فائز قاضي عيسي ريمارڪس ڏنا ته درخواست گذار جي مرڻ کانپوءِ بھتر آھي تھ ڪيس نھ ھلايو وڃي. جعلي ڊگري جو معاملو درخواست گذار جي مرڻ سان گڏ ختم ٿي ويو. ڇا ڪيس جو ڪو فوجداري رخ آھي؟ جيڪڏھن آھي ته ٻڌي وٺون.  وڪيل خواجھ حارث چيو ته وارثن جو اسرار آھي ته ڪيس کي ٻڌي جعلي ڊگري وارو داغ ختم ڪيو وڃي. پوري تعليم  مون محمد اختر خادم جي نالي تي حاصل ڪئي آھي. سياست خادم حسين جي نالي سان ڪئي، شناختي ڪارڊ به ان جي نالي سان ٺھرايو. جسٽس محمد علي مظھر چيو ته درخواست گذار زندا ھجي ھا ته ڪجھ ثابت ٿي سگھي ھا. مرڻ کان پوءِ وارث درست نالو ڪيئن ثابت ڪندا؟ چيف جسٽس چيو ته ڪو بيان حلفي يا دستاويزات بطور شاھدي جي ڏيکاريو وڃي. نالو  بدلڻ جو موقف آھي ته ثبوت ڏيڻ به اوھان جي ذميواري آھي. محمد اختر خادم عرف خادم حسين 2008 م اين اي 188 تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. ھاءِ ڪورٽ بي اي جي جعلي ڊگري جي بنياد تي کيس نااھل قرار ڏنو. درخواست گذار ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ اپيل ڪئي.