مانجهند (ن پ ا) قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه اياز لطيف پليجو مانجهند پهچي قومپرست ناري اڳواڻ مرڪ جان پيرزادو جي گهرڀاتين مهڪ جان، مشتاق پيرزادو بلاول ۽ ٻين سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي اياز لطيف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مرڪ ٽيلينٽيڊ ڇوڪري هئي جنهن کي هر وقت قوم جو فڪر هوندو هو هوءَ جڏھن به مونسان ملاقات ڪندي هئي ته سندس ذھن ۾ صرف سنڌ جا مسئلا لطيف تي پروگرام ڪرائڻ ۽ بهتر مستقبل جي ڳڻتي هوندي هيس ڪجهه وقت پهرين مرڪ کيس ٻڌايو ته هو نوڪري جي سلسلي ۾ دبئي وڃي رهي آھي، کيس ڪڏھن به پريشان نه ڏٺم،  اهڙي بهادر ڇوڪري ڪڏھن به خودڪشي نٿي ڪري سگهي سندس موت جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ گهرجن مرڪ سندن نياڻي ڀيڻ گهرڀاتي جي حيثيت رکندي هئي سندن خاندان سان هر حال ۾ گڏ آھيون خاندان جيڪو به فيصلو ڪندو ساڻن گڏ ھونداسين،  قومي عوامي تحريڪ سنڌياڻي تحريڪ جون اديون مرڪ جي گهر ڀاتين سان گڏ آھن هن وڌيڪ چيو ته نياڻين کي مڪمل آزادي هئڻ گهرجي پر اهي پنهنجا فيصلا پنهنجي والدين سان ضرور شيئر ڪن مرڪ جي ڪيس جي سلسلي ۾ ايس ايس پي حيدرآباد سان رابطو ڪندس جڏھن ته ڊي آءِ جي کي به حقيقتن کي سامهون آڻي انصاف ڪيو وڃي. ان موقعي تي مرڪ جان جي ڀيڻ مهڪ چيو ته حيدرآباد پوليس ساڻن ڪوبه رابطو نه ڪيو آھي پر هو هر حالت ۾ پنهنجو ڪيس وڙھندا، ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جو وفد پڻ موجود هو.