حيدرآباد: مرڪ جان پيرزادو جو موت آپگهات يا قتل، اهو معاملو اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي پر سول اسپتال ۾ سندس لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ليڊي ايم ايل او پاران پوليس کي شروعاتي طور ٻڌايو ويو آهي ته مرڪ جو موت ڳلي جو نڙگهٽ ٽٽڻ سبب ٿيو آهي جڏهن ته ڳلي تي رڳو کيس رئي جا نشان هئا. پوليس سرجن جو چوڻ آهي ته مرڪ جان پيرزادو جي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ جزا ڪڍيا ويا آهن جيڪي لمس ۽ روهڙي ۾ قائم ليبارٽريز ڏانهن اماڻيا ويندا جڏهن ته هو شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ پوليس کي اڄ يا سڀاڻي فراهم ڪندا. ٻئي طرف نسيم شاپنگ سينٽر ۾ فليٽ نمبر 19 جي روم ۾ پنکي ۾ لٽڪيل مرڪ جي لاش وارا فٽيج منظر عام تي اچي ويا آهن. فٽيجز ۾ واضح طور نظر اچي ٿو ته مرڪ جان جو لاش رئي سان پنکي ۾ لٽڪيل آهي جڏهن ته سندس هڪ پير بيڊ تي ۽ هڪ پير بيڊ تي هيٺ نظر اچي ٿو. سندس اهڙي قسم جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ساڃاهه وند توڙي شهرين پاران به واقعي کي قتل قرار ڏئي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.