رتوديرو (ن پ ا ) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي رتوديرو پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مرڪ پيرزادو سنڌ جي باشعور نياڻي ھجڻ سان گڏ پارٽي ورڪر هئي سندس جي اچانڪ وڇوڙي جو ٻڌي تمام گھڻو ڏک ٿيو آھي هي واقعو انتهائي دل ڏکوئيندڙ آهي ھن چيو ته مرڪ پيرزادو واري واقعي جي صحيح نموني سان جاچ ڪئي وڃي ان ۾ جيڪي به ماڻھو ملوث آھن يا ٻيو ڪوئي مسئلو آھي ته ان کي ظاھر ڪيو وڃي ته جيئن سنڌي قوم ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ٿي سگهي ھن وڌيڪ چيو ته جسقم پاران ھن واقعي تي 3 ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪيو وڃي ٿو پارٽي پاران سندس جو ٽيجهو به ڪيو ويندو سندس جي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ انصاف جي بنياد تي ڪري ان کي پڌرو ڪيو وڃي جسقم چيئرمين چيو ته اسان پاڻ به پارٽيءَ پاران واقعي بابت ھڪ جاچ ڪندڙ ٽيم جوڙينداسين ته مرڪ واقعي جي صحيح نموني خبر پئجي سگهي ته هن معصوم نياڻي سان هي واقعو ڪھڙي سبب ٿيو آهي ھن چيو ته پوليس پاران واقعي جي صحيح نموني سان جاچ نه ڪئي وئي ته ٽيجهي واري ڏينھن تي پارٽي جو اجلاس ڪوٺائي وڌيڪ لائحه عمل جوڙينداسين ھن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کان مطالبو ڪندي چيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي ان موقعي تي هن سان جسقم اڳواڻ مومن سمون ۽ آصف اوڍو پڻ گڏ هئا.