حيدرآباد: سوشل ميڊيا تي مرڪ جان پيرزادو ۽ سيف جتوئي جي حوالي سان هلندڙ بيان بازي کانپوءِ گذريل ڏينهن شام ڌاري سيف جتوئي پاران به وڊيو بيان جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ سيف جتوئي ان ڳالهه جو اعتراف ته ناهي ڪيو ته مرڪ سان ساڻس شادي ٿيل آهي پر اها ڳالهه تسليم ڪئي آهي ته مرڪ سان خانداني ۽ ويجها لاڳاپا هئا. سندس چوڻ موجب ته هو ڪراچي ويل هو. واپس رات جو 10 وڳي فليٽ تي پهتو ته مرڪ پريشان هئي ۽ تمام گهڻي جذباتي به نظر آئي جنهن بعد کيس هن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. سيف جتوئي موجب ته ايتري ۾ ڪنهن دوست کيس فون ڪري ملڻ جو چيو، ٻاهر هليو ويو. دير سان هن مرڪ کي ڪيترائي فون ڪيا پر سندس فون اٽينڊ نه ٿيو جنهن تي هن چوڪيدار کي فون ڪري مرڪ جي فليٽ ۾ وڃي سندس سار لهڻ لاءِ چيو. چوڪيدار کيس ٻڌايو ته فليٽ جو دروازو اندر کان بند آهي ۽ مرڪ دروازو کولڻ لاءِ تيار ناهي جنهن بعد هن چوڪيدار کي صلاح ڏني ته هو دري جي ڄاري کولي پاڻ اندر داخل ٿئي ۽ فليٽ جي روم ۾ موجود مرڪ کي سندس نياپو پهچائي ۽ چوڪيدار جيئن فليٽ ۾ اندر داخل ٿيو ته هو آپگهات ڪري چڪي هئي. سيف جتوئي وڊيو بيان ۾ اها به دعويٰ ڪئي آهي ته مرڪ تمام گهڻي پريشان هئي ان ڪري هن مبينا آپگهات ڪيو آهي. کيس سوشل ميڊيا تي مرڪ جو قاتل سمجهيو پيو وڃي پر هو پوليس وٽ حاضر ٿي بيان ڏيڻ ۽ سي ڊي آر ڪڍرائڻ سميت سموري جاچ ۾ شامل رهندو. ان کان اڳ مرڪ کي ڀاڄائي تسليم ڪري پوليس کي سيف جتوئي بابت سندس ڀاءُ آگاهي ڏني ته هو ڪجهه ڏينهن کان ڪراچي ويل آهي پر سيف جتوئي پاڻ وڊيو بيان ۾ اعتراف ڪيو آهي ته هو مرڪ جي مبينا خودڪشي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ به فليٽ تي موجود هو. سيف جتوئي جي بيان ۾ ڪيتري صداقت آهي ان بابت في الحال ڪجهه نٿو چئي سگهجي ڇاڪاڻ ته اها جاچ پوليس کي ڪرڻي آهي.