حيدرآباد (بيورو رپورٽ) نسيم نگر پوليس ڪامريڊ مرڪ جان پيرزادو واري واقعي ۾ اڃا تائين ڪا به اڳڀرائي ناهي ڪري سگهي جڏهن ته سندس والد پير جان محمد پاران به پوليس تي ڪيترائي سوال اٿاريا پيا وڃن. 3 ڏينهن اڳ نسيم شاپنگ سينٽر ۾ قائم فليٽ نمبر 19 مان ڪامريڊ مرڪ جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو هو پر ميڊيڪو ليگل شعبي پاران جاري شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ توڙي پوليس پاران هيستائين ڪيل جاچ مان به اڃا تائين اها ڳالهه واضح ناهي ٿي سگهي ته مرڪ مبينا آپگهات ڪيو يا کيس ڪنهن قتل ڪري معاملي کي آپگهات جو رنگ ڏنو. ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي ڪامريڊ مرڪ جي والد پير جان محمد چيو ته نياڻي جو ٽيجهو ٿيو آهي. اڄ هو ڪوشش ڪري لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس سان ملڻ لاءِ مانجهند کان حيدرآباد ايندو. هن چيو ته کيس افسوس آهي ته حيدرآباد پوليس جو سربراهه ناليوارو پوليس عملدار آهي پر اڃا تائين هن به سندس نياڻي جي واقعي جي جاچ لاءِ ڪا ڪميٽي ناهي جوڙي ۽ نه ئي کانئس فون ڪري واقعي بابت تفصيل معلوم ڪيا آهن. پير جان چيو ته في الحال ميڊيڪو ليگل شعبي پاران جاري شروعاتي رپورٽ ۾ مرڪ جي موت جو سبب واضح ناهي ڄاڻايو ويو ان ڪري هو ڊي اين اي رپورٽس سميت ٻين ليبارٽري ٽيسٽن جو به انتظار ڪندا ته جيئن نياڻي جي موت جو حتمي ڪارڻ واضح ٿي سگهي. جسقم ناري تحريڪ جي چيف آرگنائيزر مرڪ جان پيرزادو جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش 15 نومبر تي فليٽ تان مليو. پوليس پوسٽ مارٽم بعد اهو لاش وارثن حوالي ڪيو هو.