حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جسقم ناري تحريڪ جي چيف آرگنائيزر مرڪ جان پيرزادو جي مبينا آپگهات واري معاملي تي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود حيدرآباد پوليس اڃا تائين ڪا اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي جنهن بعد جسقم پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي جي اڳواڻن ڪيس جي جاچ شفاف نموني ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر کي درخواست ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته هو جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏي. ان حوالي سان نگران وڏي وزير کي ڏنل درخواست ۾ جسقم اڳواڻ نواب بڙدي ڄاڻايو آهي ته 15 نومبر تي ڪامريڊ مرڪ جان پيرزادو جو فليٽ مان ڦاهو کاڌل لاش مليو. سندس والد جان محمد نسيم نگر ٿاڻي تي جوابدار سيف جتوئي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي پر پوليس اڃا تائين ڪا به اڳڀرائي ناهي ڪئي. درخواست ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته واقعي کي 15 ڏينهن گذري ويا آهن پر پوليس اڃا تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو ان ڪري واقعي جي شفاف جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو وڃي جنهن تي نگران وڏي وزير کين خاطري ڪرائي ته هو هر ممڪن سهڪار ڪندو. اها درخواست هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي دوري دوران نگران وڏي وزير کي جسقم پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي جي ضلعي چيف آرگنائيزر نواب بڙدي، ايڊووڪيٽ اعجاز علي مگسي ۽ ٻين وڪيلن گڏجي ڏني. ٻئي طرف جسقم اڳواڻ ديدار شام ڪامريڊ مرڪ جان جي والد جان محمد ۽ ٻين سان گڏجي نسيم نگر ٿاڻي جي ايس ايڍ او وحيد پنهور سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مرڪ جي والد پاران ايس ايچ او کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو. جسقم اڳواڻن پاران پوليس کان مطالبو ڪيو ويو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي.