مانجهند (ن پ ا) جسقم چئرمين صنعان خان قريشي، مومن جوڻو، اطهر سومرو، ديدار شام ۽ ٻين سان گڏ مانجهند پهچي ناري تحريڪ اڳواڻ  مرڪ جان پيرذادو جي وفات تي سندس والد جان محمد سان تعزيت ڪري تفصيل معلوم ڪيا، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صنعان خان قريشي چيو ته مرڪ جان جو واقعو ڏکوئيندڙ آھي، جنهن لاءِ تمام گهڻي دل ڏکوئي آھي، مرڪ جي موت جي لاءِ وائيس چئرمين غلام سرور خشڪ، مومن سمون جي اڳواڻي ۾ جاچ ڪاميٽي جوڙي آھي، جيڪا حيدرآباد پوليس آفيسرن سان ملاقات ڪري تفصيل وٺندي، سمورا ثبوت گڏ ڪرڻ بعد وڌيڪ حڪمت عملي ترتيب ڏني ويندي، صنعان خان وڌيڪ چيو ته ڏوهه ۾ ڪير به ملوث ھجي پر ان کي قوم آڏو وائکو ڪرڻ گهرجي، سائين جي ايم سيد جا سچا پوئلڳ ڪڏھن به اهڙو ڏوهه نٿا ڪري سگهن.