مرڪز کان کاٻي پاسي جو سفر

0
52
مرڪز کان کاٻي پاسي جو سفر

 جنوري سن ۲۰۲۳ع ۾ ٿيل بلدياتي چونڊن ۾ ڪراچي پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون دفعو ڪنھن عام اليڪشن ۾ مرڪز کان کاٻي پاسي واري left to center سياسي پروگرام واري سياسي پارٽيءَ کي اڪثريتي نمائندگيءَ جو ووٽ ڏنو آھي، ڏٺو وڃي ته اڄ به ساڄي ڌر واريون سياسي جماعتون ڪراچي ڊويزن ۾ اڪثريت ۾ آھن پر پيپلز پارٽي سنگل لارجيسٽ پارٽي طور اڀري آھي.

                 ڏٺو وڃي ته ملڪ جو وڏي ۾ وڏو صنعتي شھر ھجڻ سبب اھو سڀ ڪجهه ڪي ڏھاڪا اڳ ٿيڻ گهربو ھو پر ورھاڱي، لڏپلاڻ ۽ علاقائي سياسي صورتحال سبب ڪراچي ڪڏھن پاڻ ته ڪڏھن سياسي انجنيئرنگ تحت بنياد پرستيءَ جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسائي وئي.

                 سياست جي انھي چرخي، ۾ آيل انھي تاريخي ڦيراٽيءَ ۽ منظرنامي جي مثبت تبديليءَ کي ھروڀرو لساني رنگ ڏيڻ بدران سندس اصل شڪل ۾ نروار ڪرڻ گهرجي. اڄ رام دين پانڊي ۽ سندس ساٿين کان ويندي بغاوت ڪندڙ جھازين جي ساٿين جون واڌايون وصول ڪرڻ جو ڏينھن آھي.

ڪراچي ۾ بلدياتي چونڊن جي آيل خوشگوار نتيجن جو وڏو سبب ته شھر جي ھڪ لساني جماعت جو بائيڪاٽ آهي. جنھن جو عڪس حيدرآباد جي نتيجن ۾ به نمايان آھي. اھا جماعت ڪڏھن، ڪيئن، ڇو ۽ ڪنھن ٺھرائي. اھو ھڪ الڳ بحث آھي.

ڪراچيءَ جي ٻھراڙين واري ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو خاتمو ڪري ان کي ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ ضم ڪرڻ پڻ انھي خوشگوار تبديليءَ ۾ پاڻ ڳڻايو آھي. ايئن ڪرڻ سان ڪراچيءَ جي اصلوڪين آبادين کي ملڪ جي مک سياسي، اقتصادي ۽ سماجي وهڪرن ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو مليو.

ڪراچيءَ جي ڪينٽونمينٽ بورڊن کي به ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ ضم ڪرڻ سان صورتحال اڃان وڌيڪ بهتر ٿيندي.

ڪراچي هڪ ڊويزن تي ٻڌل ھڪ شهر آهي. ان ۾ بلدياتي نظام به هڪ هجڻ گهرجي. جڏھن ته ڪراچي ۾ موجود ڇهه عدد ڪينٽونمينٽ بورڊ دفاع جي وفاقي وزارت جي ڪنٽرول هيٺ آهن. انهن سمورن رھائشي علائقن ۾ سولين آباديون آهن. انهن جا مڪاني ادارا پڻ  ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ شامل هجڻ گهرجن.

مڪاني ادارن جو نظام ملڪي آئين موجب ۽ عالمي وفاقي نظامن جي مروج قانونن ۽ روايتن موجب صوبن جي زيردست هوندو آهي.

 ڪراچي  جو مڪاني نظام هڪ هئڻ ڪري شهر ترقي به ڪندو ۽ شهر ۾ آباد سمورن ماڻهن جي وچ ۾ نسلي، لساني ۽ فرقيواراڻا فرق به ماٺا ٿيندا.

ڪراچي ۾ ٻن مڪاني نظامن شهر جي ماڻهن کي ٻن مختلف دنيائن ۾ ورهائي ٽڪر ٽڪر ڪري رکيو آهي.