مري ۾ انساني الميو، قدرتي آفت يا انتظامي غفلت ؟

0
66
ڇا دهشتگرد وري منظم ٿي رهيا آهن؟

سڌريل ملڪ ڏکياين ۾ به پنهنجي ماڻهن لاءِ سهولتون پيدا ڪري انهن جي مزي يا فرحت جو سامان پيدا ڪندا آهن پر اسان وٽ اڪثر قدرتي رحمتون ۽ نعمتون به انتظامي نااهلي ۽سرڪاري بي ڌياني سبب آفتون بڻجي وينديون آهن.قدرتي آفتن جو سور يا ڏک ته انسان لکئي جو ليک سمجهي سهي ويندو آهي پر جيڪي الميا انتظامي نااهلي ۽  لاپرواهي سبب جنم وٺندا آهن انهن کي وسارڻ ۽ برداشت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي ۽ اهو سور سڄي عمر ماڻهن کي ستائيندو رهندو آهي. مري ۾ ٻه ڏينهن اڳ پيش آيل انساني الميي کي به جيڪڏهن قدرتي آفت بدران انساني غفلت ۽ انتظامي لاپرواهي سڏجي ته ڪو غلط نه ٿيندو .هڪ ئي ڏينهن ۾ 21 انساني حياتيون بنا ڪنهن مدد ۽ سهاري جي تڙپي تڙپي  ختم ٿي وڃن ته انهي کي قدرتي آفت بلڪل ڪوٺي نه ٿو سگهجي بلڪه اهو الميو اسانجي انتظامي افعالن جو نتيجو آهي جيڪا انتظاميا نالي ۾ ته موجود هوندي آهي پر انهي جو ڪو ڪردار ڪٿي به ڪڏهن به نظر نه ايندو آهي خاص ڪري اهڙن اوچتين آفتن ۾ اهي عوام کي بلڪل بي سهارا ڇڏي ڏيندا آهن جن جي ٽيڪس جي پئسن تي انهن جو ڪاروهنوار هلندو آهي.

اڃان سڌ سماءُ جي وفاقي وزير جي انهي بيان جي مس ئي نه سڪي هئي جنهن ۾ هو فخريا ٻڌائي رهيو هو ته مري ۾ هڪ لک کان وڌيڪ گاڏيون داخل ٿي چڪيون آهن جنهن کي هو عوام جي خوشحالي قرار ڏئي پنهنجي حڪومت جي بهتر معاشي ڪارڪردگي جو ڪريڊٽ کڻڻ  جي ڪوشش ڪري رهيو هو.وزير موصوف جڏهن اهو ٻڌائي رهيو هو ته کيس ۽ سندس حڪومت کي به شايد ئي اهو اندازو هجي ته انهي  بيان جي پٺيان ئي ڪو انساني الميو جنم وٺڻ لاءِ تيار بيٺو آهي. ڇا اسان جي موسميات کاتي کان وٺي موسم تي نظر رکندڙ ٻين ادارن کي اها کڙڪ ئي نه پئجي سگهي ته انهي موسم ۾ هڪ ۽ ٻن ڏينهن جي اندر ئي ڪو طوفاني برفباري اچڻ واري آهي جنهن سان ڪو وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، جيڪڏهن موسميات کاتي اڳواٽ الرٽ جاري ڪيو هو ته پوءِ انتظاميا ڪهڙي مرض جي دوا آهي جنهن انهي پاسي ڌيان ئي نه ڏنو ۽ وزير وري گاڏين جو تعداد ٻڌائي خوش ٿي رهيا هئا.

جنهن پاسي لکين انسان فطرت جو مزو وٺڻ لاءِ وڃي رهيا آهن ڇا انهن حڪمرانن يا انتظاميا ۾ ايتري دور انديشي يا اڳيان ڏسڻ جي سگهه نه هئي ته ايڏي تعداد ۾ ويندڙ ماڻهو ڪٿي ڪنهن مصيبت ۾ نه ڦاسي پون جو انهن کي اڳواٽ آگاهي ڏجي يا انهن کي اهڙن پاسن کان وڃڻ کان روڪجي جتي انتظاميا پاڻ به انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ بيوس ٿي پوي. ڇا اهڙيون برفباريون ٻين ملڪن ۾ نه ٿينديون آهن ايڏي برفباري ته دنيا جي ٻين ملڪن خاص ڪري ٿڌن ملڪن ۾ به ٿيندي رهندي آهي پر انهن جي موسمن تي نظر هوندي آهي ۽ اهي پنهنجي عوام جي حياتين کي بچائڻ لاءِ اڳواٽ آگاهي ڏيندا آهن يا انهن جو بندوبست ڪندا آهن پر جنهن ملڪ ۾ رڳو مينهن جون ٻه ڦڙيون وسڻ سان بجلي هلي وڃي جتي ڪجهه ملي ميٽر برسات شهرن ۾ ٻوڏ جو ڏيک پيدا ڪري اتي اهڙن المين کي منهن ڏيڻ جي انتظاميا کان اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي. اسان جي موجوده حڪومت جو سڄو زور سياحت کي ڪمائي جو ذريعو بڻائڻ تي رهيو آهي پر ڇا اهڙن انتظامي افعالن سان سياحن کي پنهنجي ملڪ ڏي سياحت لاءِ مائل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملي سگهندي جنهن سان پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي. جڏهن اسان پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي ئي قدرت جي نعمت مان مزو وٺڻ دوران ڪنهن خطري کان بچائي نه سگهون ته دنيا جا  ڪهڙا ماڻهو اها حالت ڏسي انهي برفباري يا ٻين سياحتي مرڪزن ڏانهن اچڻ جي خواهش رکندا.

اسان سمجهون ٿا ته هي قدرتي آفت نه پر انتظامي نااهلي جي ڪري پيدا ٿيل انساني الميو آهي. هن معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته ڪنهن جي غفلت سبب ايڏي وڏي سانحي جنم ورتو جو 21 حياتيون مدد ۽ سهاري لاءِ تڙپندي تڙپندي هليون ويون؟ ڇا حڪمرانن جو ڪم رڳو اهو آهي ته اهي سانحا ٿيڻ کانپوءِ ٻڌائين ته ڪيتريون گاڏيون ڦاٿل آهن يا ڪيتري فوٽ برفباري ٿي يا انهن جو ڪم عوام کي خطرن کان اڳوٽ آگاهه ڪرڻ ۽ انهن خطرن کي ٽارڻ لاءِ قدم کڻڻ به  آهي.