مري سانحي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿي سگهندي ؟

0
121
ڇا-رڳو-وزيرن-جي-تبديلي-سان-معيشت-بھتر-ٿي

هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ قائم ڪيل ادارو اين ڊي ايم اي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ناڪام ٿيو هجي پر جڏهن به ڪا آفت آئي آهي ته اهو ادارو پنهنجو گهربل ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي. سنڌ هجي يا بلوچستان پنجاب هجي يا ڪي پي هر هنڌ قدرتي آفت وقت ساڳي صورتحال نظر ايندي آهي. پر هي پهريون ڀيرو آهي جو  هڪ  عدالت سڌو سنئون مري سانحي جو ذميوار اين ڊي ايم اي کي قرار ڏنو آهي ۽ وزيراعظم کي حڪم ڏنو آهي ته اهو ڪارروائي ڪري. اسان وٽ بدقسمتي اها آهي ته ايترو نقصان قدرتي آفت سان نه ٿيندو آهي جيترو نقصان ذميوار ادارن جي ڪردار ادا نه ڪرڻ سبب ٿيندو آهي پوءِ اهو ريسڪيو جو ڪم هجي يا رليف جو، بس رڳو ڏيکاءُ لاءِ ڪم ٿيندو آهي پر ماڻهن کي انهن مصيبت مان ڪڍڻ جي ڪا به حقيقي ڪوشش نه ٿيندي آهي، جنهن جو تازو مثال مري سانحو آهي جيڪڏهن وقت سر اين ڊي ايم اي ۽ انتظاميا سرگرم ٿئي ها ته شايد ايڏو وڏو جاني نقصان نه ٿي سگهي ها.

ڪشمير ۾ زلزلي سبب  وڏي پئماني تي ٿيل تباهي کانپوءِ اهو محسوس ڪيو ويو ته ڪو اهڙو ادارو هجي جيڪو ڪنهن به قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ هجي جنهن ڪري اين ڊي ايم اي جو وجود پيو ۽ سڀني صوبن ۾ پي ايم ڊي اي جي نالي سان انهي کي قائم ڪيو ويو، پر  ان کانپوءِ به آيل ٻوڏ هجي يا طوفاني برساتون نه انهي اداري پاڻمرادو تحرڪ ورتو نه ئي وري حڪومتون انهي کي پنهنجي ڪم لاءِ سرگرم ڪري سگهيون. عوام جي ٽئڪس جي پئسن مان انهي اداري لاءِ وڏي بجيٽ رکي وئي پر اها عوام کي مصيبت ۾ ايئن ڪم نه آئي جنهن سوچ سان انهي اداري جو بنياد رکيو ويو. پري ڇو وڃون گذريل سال آيل ڪورونا جي وبا دوران به انهي اداري جي ڪردار تي آڱريون کڄنديون رهيون ايستائين جو  عدالتن ۾ اهي معاملا آيا ته هڪ مريض تي جيتري رقم خرچ ٿيل ڏيکاري وئي انهي تي عدالت به حيرانگي  جو اظهار ڪيو.

انهي اداري ٺاهڻ جو مقصد رڳو اهو نه هو ته قدرتي آفت کانپوءِ اها رڳو ڪجهه ماڻهن تائين پهچي انهن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪندو يا انهن کي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ ڪمبل يا ٻيا اوڇڻ مهيا ڪندو، انهي اداري جي قائم ڪرڻ جو بنيادي مقصد ئي اهو هو ته موسمن تي نظر رکندڙ ادارن جي اڳڪٿي تي اڳواٽ انهن علائقن ۾ اهڙا بندوبست ڪرڻ هو جيئن انهي آفت جي نقصان کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي پر هتي اسان وٽ انهي اداري،حڪومت توڙي شهرين پاڻ  به ڄڻ ته رڳو ان کي هڪڙي ڪم رليف تائين ئي محدود سمجهيو آهي، جڏهن ته ريڪسيو وارو ڪم انهي جي ذميواري ئي نه ٿي سمجهي وڃي. جنهن جو وڏي ۾ وڏو مثال مري سانحو آهي جتي برفباري ٿي رهي هئي ته نه ضلعي انتظاميا نه ئي اين ڊي ايم اي وارا نظر آيا جنهن ڪري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي به اهو چوڻو پيو ته انهي سڄي سانحي جي ذميوار اين ڊي ايم اي آهي ۽ وزيراعظم ڪارروائي ڪري.

اسان سمجهون ٿا ته قدرتي آفتن دوران شروعاتي ڪم ريسڪيو جو آهي جنهن سان وڌ ۾ وڌ انساني جانيون بچائي سگهجن ٿيون انهي کانپوءِ رليف واري ڪم شروع ڪيو ويندو آهي،.تنهن ڪري مري سانحي مان سبق سکي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ قائم ڪيل ادارن کي پنهنجي ريسڪيو واري ڪم کي اهميت واري انداز ۾ اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ انهي کانپوءِ رليف جو ڪم شروع ڪجي. مري سانحي ۾ ڪوتاهي ڪندڙ ادارن ۽ فردن خلاف عدالت جي حڪم هيٺ ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن اڳتي لاپرواهي ۽ نااهلي سبب انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهجن.