لاهور (شوبز نيوز) ڪجهه ڏينهن اڳ مريم پنهنجي پٽ جو هڪ خوبصورت فوٽو شوٽ انسٽاگرام تي شيئر ڪيو، جنهن تي مداحن طرفان نيڪ خواهشن ۽ دعائن جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ عورت صارف حميرا عمران ڪمينٽ ڪيو ته “اوهان ٻار جو مٿو بڻايو آهي؟ جيڪڏهن بڻايو آهي ته ڇا ٽپس آهن؟” اهو سوال اداڪاره کي اڻوڻندڙ لڳو، مريم نور سخت لفظن ۾ جواب ڏيندي چيو ته “جيئن الله بڻايو آهي، ايئن ئي پسند آهي مون کي، مٿو بڻائڻ پاڪستانين ۾ هڪ بيماري آهي، منهنجي سڀني کي درخواست آهي ته ان بيماري کان پري رهو ۽ پنهنجي ٻارن کي به پري رکو. اداڪاره جو جواب سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو ۽ صارفين مريم جي صاف گوئي کي ساراهيو.