اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز شريف اسلام آباد پهچي وئي، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم ارونگزيب پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف ۽ پارٽي صدر وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي مريم نواز شريف سومر ڏينهن پي ڊي ايم جي ڌرڻي ۾ مسلم ليگ (ن) جي نمائندگي ڪندي، مريم نواز شريف جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) پي ڊي ايم جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندي.