
دادو/سيوهڻ/ڪي اين شاهه/مهيڙ(نمائندن وٽان) سيوهڻ کان نڪتل بيداري مارچ ۽ درياءَ بچايو تحريڪ جي اعنوان هيٺ جي ڊي اي جي مرڪزي قيادت پاران نڪتل ريلي سيوهڻ، دادو، ڪي اين شاهه ۽ ميهڙ پهتي جتي سوين گاڏين تي پهتل قافلي کي جي ڊي اي دادو جي اڳواڻن استقبال ڪيو، ان موقعي جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ، سيد صدر الدين شاه، صفدر عباسي ، اڳوڻو وڏو وزير لياقت جتوئي ، ايس يو پي جي صدر سيد زين شاھ، قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته هڪ ڪرپٽ ٽولي سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي پاڪستان 4 صوبن تي مشتمل آهي انهن مان هڪ صوبي سنڌ پاڪستان جي قرا داد پيش ڪري ان کي پنهنجو شهر ڪراچي گادي جو هنڌ ڏنو ، ان صوبي پاڪستان کي پيئٽرول، گئس ، پاڻي سميت ۽ ٻيو گهڻو ڪجھ ڏنو جيئن پاڪستان مضبوط ٿئي پر هاڻ ان صوبي کي ختم ڪري سندس پاڻي بند ڪري ان صوبي کي بنجر ڪرڻ جو ڪم تيز ٿي ويو آهي ، 1951 ۽ 60 ۾ ڪجهه ماڻهن وفاق کي سمجهايو هيو ته بنگالين سان ڏاڍ جبر نه ڪيو پر هنن چيو ته هي 4 فٽ وارا ڪارا ماڻهون ڇا ڪندا پر انهن جي ظلمن تي نيٺ انهن بنگالين سخت احتجاج ڪيو ۽ هو الڳ ملڪ تعمير ڪيو ھاڻ ساڳيو رويو سنڌين سان رکيو ويو آهي سنڌي ڪنهن به صورت ۾ ظلم برداشت نه ڪندي، پنجاب کي گرين ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سوا 20 لک ايڪڙ زمين بنجر ڪرڻ جي لاءِ پيپلز پارٽي کي حڪومت ۾ آڻي سنڌ کي برباد ڪيو پيو وڃي ، آصف علي زرداري جيڪو سنڌين جو دشمن آهي جنهن پنهنجي اقتدار خاطر اسٽيبليشمينٽ آڏو سنڌ جو سودو ڪري 6 ڪروڙين سنڌين کي مارڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، 1991 واري فيصلي تحت پهريان ئي سنڌ کي پاڻي نه ملي ، سيڪريٽري واپڊا چئي چڪو آهي پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي وڏي وزير ميٽنگ ۾ 6 ڪئنال ٺهرائڻ جي منظوري ڏني آهي هاڻ پپيلز پارٽي ڊرامون نه ڪري ، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سمنڊ هر روز سنڌ جي هزارين ايڪڙ ڳڙڪائي رهيو آهي جنهن سبب ٺٽو ، بدين ، سجاول مڪمل طور تباھ ٿيندو ۽ ڪوٽڙي بئراج پاڻي جي کوٽ بعد ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪروڙين ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي نه ملندو پيپلز پارٽي هاڻ ڊرامون ڪري پريس ڪانفرنس ڪندي ۽ اسبيملبن ۾ وڏيون تقريون ڪندي ۽ 200/ 300 ارب خرچ ڏيکاري پوءِ چوندا ته مفاهمت ۽ مسلحت تحت چولستان ڪئنال ٺهڻ گهرجي، پنجاب ۾ هڪ ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي ته 10 ايڪڙ سنڌ جي زمين غير آباد ٿئي ٿي اسان پنجاب جي هڪ ايڪڙ زمين خاطر سنڌ جي هڪ ايڪڙ زمين به غير آباد ٿيڻ نه ڏينداسين ، هي 47 فارم جي پيدوار آهن جي کي ڪوبه اختيار نه آهي جو هي فيصلو ڪن ۽ سنڌ کي سڪائين، سنڌو درياء مان 6 ڪئنال ڪڍڻ جو فيصلو ، چين ، افغانستان يا آمريڪا نه ڪيو آهي هي سڀ ڪم پيپلز پارٽي جا آهن، رياض چانڊيو ، منير حيدر شاھ ، روشن ٻرڙو، عاشق زئور،ڊاڪٽر مسرور سيال ، ڊاڪٽر حسنين مرزا ۽ ٻين جلسي کي خطاب ڪيو.