لنڊن (م ڊ) نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز وطن واپسي لاءِ اڄ لنڊن مان رواني ٿيڻ جو امڪان، سڀاڻي لاهور پهچڻ  تي استقبال لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون، ذريعن موجب نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز اڄ لنڊن کان دبئي ويندي، جتان وطن واپس ايندي، مريم نواز دبئي کان لاهور پهچندي، جتي نواز ليگ پاران پارٽي اڳواڻن جي ڀرپور استقبال جون تياريون ڪيون ويون آهن.